ڊي آئي جي سلطان خواجه کي ڊيڄاري ڪري مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي آئي جي سنڌ کان معافي وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي انهن کان واضع لفظن ۾ مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي جي ڊي آئي جي سلطان خواجه تي آئي ايس آئي، ايم آئي، رينجر، سنڌ حڪومت ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ان دٻاءُ جو سختي سان نوٽس وٺن جنهن جي تحت سلطان خواجه کي ڊيڄاري ڪري مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي آئي جي سنڌ کان معافي وٺن. انهن فرمايو ته اهو عمل سراسر ظلم ۽ زيادتي جي برابر آهي. اهو عمل جاري رهڻ سان نه صوبو محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ نه ئي ملڪ محفوظ رهي سگهي ٿو.
*****