Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر.


ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر.
 Posted on: 7/4/2015 1
ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر.
ڪراچي؛ 4 جولائي 2015 
            ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن سنڌ حڪومت جي طرفان فيڊرل بي ايريا ۾ بوهري ڪميونٽي جو شادي هال ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ پي پي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ته پوري سنڌ ۾ ڪرپشن جو بازار گرم رکي رکيو آهي، پوري سنڌ کي اهي لٽي رهيا آهن. پليون، روڊ ، اسڪول ۽ اسپتال به فقط سرڪاري فائيلن ۾ بڻجي رهيا آهن. جنهن جون رپورٽون روز ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن.  پنهنجي ان ڪرپشن ۽ لٽ مار تي پردو وجهڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪراچي کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.پوري سنڌ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملڪيتن ۾ غير قانوني شادي هال به شامل آهن. قاسم آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پي پي جي رهنمائن ڇا غير قانوني طور تي شادي هال قائم نه ڪيا آهن؟ پر وزير بلديات شرجيل ميمڻ کي اهي ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ انهن جو سارو زور ڪراچي ۾ هلي رهيو آهي. اڄ به فيڊرل بي ايريا ۾ بوهري ڪميونٽي جي شادي هال کي ڪيرايو ويو آهي. انهن چيو ته شرجيل ميمڻ ۾ ايتري همت آهي ته اهي ڪراچي ۾ رينجر، آرمي، نيوي، ايئرفورس، سول ايوي ايشن ۽ ڊي ايڇ اي جي طرفان قائم ڪيل غير قانوني شادي هالن جي خلاف ڪاروائي ڪري ڏيکارين. انهن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين ۽ برادرين جا شادي هال ڪيرائي ڪري ڪراچي جي شهرين کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي ۽ انهن جو معاشي قتل عام به ڪري رهي آهي جيڪو قابل مذمت آهي. 

6/30/2024 5:44:56 AM