اردو جي معروف ناول نگار عبدالله حسين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 4 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اردو جي معروف ناول نگار عبدالله حسين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته عبدالله حسين جي وفات سان اردو ادب ۾ هڪ وڏو خلا پيدا ٿي ويو آهي. جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.