Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/18/2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته نفرت واري تقرير جي نالي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ مقدما قائم ڪيا پيا وڃن ۽ نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري رابطا ڪميٽي انچارج ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو، پر جڏهن ته ٻئي طرف پابندي وڌل تنظيمون سڄي ملڪ ۾ کلي عام نه صرف ڪم ڪري رهيون آهن بلڪه جلسا به ڪري رهيون آهن پر انهن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز کلي عام پاڪستان جي آئين ۽ فوج جي خلاف فتوٰي جاري ڪيا، خودڪش حملن جي ترغيب ڏني، ان جي ماڻهن فوج تي حملا ڪيا، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ فوجي آفيسرن جي ٻارن کي شهيد ڪيو ويو ته مولانا عبدالعزيز ان واقعي جي مذمت ڪرڻ جي بجاءِ ان کي درست ۽ جائز قرار ڏنو پر پوءِ به مولانا عبدالعزيز کي گرفتار نه ڪيو ويو. گذريل ڏينهن به ڪراچي ۾ هڪ پابندي وڌل مذهبي تنظيم ريلي ڪڍي ۽ مخالف فرقي جي خلاف نفرت انگيز تقرير ڪئي. پر ان جي خلاف به ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي.  جڏهن ته ٻئي طرف جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن جي خلاف ڪوڙا مقدما قائم ڪيا پيا وڃن ۽ انهن کي گرفتار به ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي.

6/30/2024 5:46:07 AM