Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
اڄ 14 مئي بروز خميس تي لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به يونٽ انچارج يا ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪجھ ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گذريل ڪجھ ڏينهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن 13 مئي بروز اربع تي لياقت آباد کان يونٽ 161 جي ٻن ڪارڪنن سيد مقبول علي ۽ مسرور کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪيو هو
Read More    Posted on: 14 May 2015
ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد علي جي شهادت سان مون سميت ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن کي وڏو صدمو پهتو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 اي جي ڪارڪن محمد علي جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 14 May 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان  جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي تنظيمي معاملا انجام ڏيڻ وارن شعبن جي انچارجن ۽ ميمبرن به شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 14 May 2015
قائمه ڪميٽي برائي داخلا و انسداد منشيات جو اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ڪراچي ۾ گهرايو وڃي. حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي آصف حسنين.
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي آصف حسنين چيو آهي ته قائمه ڪميٽي برائي داخلا و انسداد منشيات جو اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ڪراچي ۾ گهرايو وڃي ۽ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز داخلا، ڊي جي رينجر ۽ آئي جي پوليس سنڌ قائمه ڪميٽي جي ميمبرن کي سانحه صفورا تي بريفنگ ڏين.
Read More    Posted on: 14 May 2015
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن سانحه صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري تي حملي جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي.
 متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن سانحه صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري تي وحشياڻي حملي جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 
Read More    Posted on: 14 May 2015
سانحه صفورا ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪي ڪي جي طرفان ڪيمپ لڳايو ويو.
متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سانحه صفورا ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪيمپ لڳايو ويو. جتي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عبدالحسيب ، عظيم فاروقي ۽ اسيمبلي ميمبرن جنازي نماز جي شرڪاء جي رهنمائي ڪئي ۽ انهن کي پاڻي به پياريو. 
Read More    Posted on: 14 May 2015
متحده قومي موومينٽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 166 جي ڪارڪن خرم احمد شهيد کي لياقت آباد جي سي ايريا قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
متحده قومي موومينٽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 166 جي ڪارڪن خرم احمد شهيد کي سوين آلين اکين سان گڏ لياقت آباد جي  سي ايريا جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 13 May 2015
ايم ڪيو ايم 14 مئي بروز خميس تي سڄي ملڪ ۾سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪندي. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 14 مئي بروز خميس تي اسماعيلي ڪميونٽي سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا ۽ سانحه صفورا ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون وينديون. 
Read More    Posted on: 13 May 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي آغا خان ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان ۾ آغا خاني ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان فون تي سانحه صفورا ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جي معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. 
Read More    Posted on: 13 May 2015
اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ حملو ڪندڙن داعش جا پمپليٽ اڇلايا اهو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان ڪيترن ئي سالن کان لڳاتار چئي رهيو آهيان ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي.
Read More    Posted on: 13 May 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان آغا خاني ڪميونٽي جي بس تي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين صفورا چورنگي جي ويجهو هٿياربند دهشت گردن جي طرفان آغاخاني ڪميونٽي جي بس تي ڇتي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي جي نتيجي ۾ 45 هن کان وڌيڪ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ ۽ ٻين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 13 May 2015
ايم ڪيو ايم سانحه صفورا ڳوٺ تي 14 مئي بروز خميس تي يوم سوڳ ملهائيندي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم 14 مئي بروز خميس تي سانحه صفورا ڳوٺ تي يوم سوڳ ملهائيندي.
Read More    Posted on: 13 May 2015
ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ کان علاوه مينٽيننس ۽ فالٽ جي ڪري به بجلي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. 
Read More    Posted on: 12 May 2015
ايم ڪيو ايم جي تحت سانحه 12 مئي جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 12 مئي 2007 جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ لعل قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي انچارج ڪيف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل، حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ، اسيمبلين جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 12 May 2015
ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي، اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن. نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پنهنجي عهدي تان اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري تحريڪ ۾ اچي ڪري هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن نه ته ايم ڪيو ايم جو انهن سان هاڻي ڪوئي به تعلق نه هوندو. 
Read More    Posted on: 11 May 2015
Items 1486 to 1500 of 2634