Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صرف ۽ صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.


صرف ۽ صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.
 Posted on: 7/5/2015 1
صرف ۽ صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.
ايسٽ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي يونٽ جي طرفان ڏنل افطار پارٽي کي خطاب.
لنڊن؛ 5 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪروڙين عوام جي نمائنده جماعت آهي. پر صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالھ انهن ايسٽ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي  يونٽ جي طرفان ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪئي. انهن چيو ته گذريل 67 سالن کان هر دور ۾ مهاجرن جو  معاشي، تعليمي، سياسي ۽ جسماني قتل عام ڪيو ويو آهي. پاڪستان جو ڪوئي ادارو ۽ ڪائي حڪومت مهاجرن جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي هر دور ۾ ايم ڪيو ايم کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ۽ اڄ به ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. دعوت افطار کي برطانيه جي جنرل سيڪريٽري منظور احمد، ميمبرن سهيل زيدي، هاشم ۽ ٻين به خطاب ڪيو. 
*****

6/30/2024 5:44:56 AM