Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


رينجر جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/5/2015 1
رينجر جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
اڄ اعتراف ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن کي ڪنهن ڏوھ يا اطلاع جي بنياد تي نه بلڪه ايم ڪيو ايم جا عهديدار هجڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
رينجر جي ترجمان جي بيان تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو رد عمل.
ڪراچي؛ 5 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رينجر جي طرفان وضاحتي بيان کي انتهائي گمراھ ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته رينجر جي ترجمان جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي ان ڳالھ ۾ ڪوئي به شڪ نه رهيو آهي ته آپريش جو مقصد ڪراچي کان ڏوهاري ماڻهن جو خاتمو نه بلڪه ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ قانون پسند ۽ امن پسند جماعت آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ان عزم کي ورجائي چڪي آهي ته ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. پر ان جي باوجود رينجر جي طرفان ڏوهاري ماڻهن جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي سياسي سرگرمين سان گڏو گڏ فلاحي سرگرمين تي به غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي ۽ پوري ڪراچي کي مقبوضه ڪراچي بڻايو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اها حقيقت سڄي ملڪ جي عوام جي سامهون واضع ٿي چڪي آهي ته ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي. رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪري سوين عهديدارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي نه صرف بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪيو پيو وڃي. بلڪه انهن کي جنگي قيدين وانگر عدالتن ۾ پيش ڪري انهن جي بنيادي حقن جي بدترين لتاڙ ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي کليل ايم ڪيو ايم دشمني سنڌ جي عوام کان ڳجهي ته نه هئي پر هاڻي رينجر ترجمان پنهنجي بيان جي ذريعي ان ڳالھ جو پاڻ ئي اقرار ڪري ورتو آهي ته رينجر ايم ڪيو ايم جي تنظيمي عهديدارن کي باقائده هڪ منظم منصوبي ۽ ٽارگيٽ جي تحت گرفتار ڪري رهي آهي ۽ رينجر جو اهو بيان ان ڳالھ جو باقائده اعلان آهي ته اها ايم ڪيو ايم جي سمورن عهديدارن کي گرفتار ڪندي. رابطا ڪميٽي چيو ته پوري مهذب دنيا ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارا دارا ڪنهن تعصب کان سواءِ عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪن ٿا پر سنڌ خصوصن شهري علائقن ۾ رينجر شهري علائقن جي ڪروڙين ماڻهن جي نمائنده جماعت ۽ ان جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان دشمنن جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي انٽيليجنس جو اهو حال آهي ته اها جنهن تنظيمي ڪميٽي جو ذڪر ڪري رهي آهي ان کي ته ختم ٿئي هڪ وقت ٿي چڪو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سپريم ڪورٽ جا اهي ريمارڪس ريڪارڊ تي موجود آهن ته ڪراچي جي سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۾ ويڙهاڪ ونگ موجود آهن. پر رينجر کي ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت جا عهديدار نظر نه ٿا اچن. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي ترجمان جو اهو دعوٰي ته سمورن گرفتار ٿيلن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو  عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي. ڇو ته ايم ڪيو ايم جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪن جيڪي رينجر جي هٿان گرفتار ٿيا هئا اهي ڪيترن ئي مهينن کان لاپتا آهن ۽ انهن کي اڄ تائين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. جن جي باري ۾ رينجر جي اعلٰي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا لسٽون به ڏنيون ويون پر انهن جي باري ۾ هن مهل تائين ڪجھ به ٻڌايو نه ٿو وڃي. رابطا ڪميٽي رينجر جي ترجمان جي ان دعوٰي کي به بلڪل ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو ته ايم ڪيو ايم جا گهڻائي عهديدار پاڻ ئي گرفتاريون ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته ڇا ايم ڪيو ايم جا عهديدار پاڻ ئي گرفتاريون ڏيئي ڪري سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ پاڻ کي پاڻ  ٽارچر ڪرائيندا؟ ڇا اهي پاڻ ئي پاڻ کي اکين تي پٽيون ٻڌرائي ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻائي ڪري ۽ ٻڪرين ۽ رڍن وانگر پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪرائيندا؟ رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان کان مطالبو ڪيو ته اهي رينجر جي ترجمان جي ان بيان جو سختي سان نوٽس وٺن ڇو ته ان بيان ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته رينجر ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ۽ يونٽ جي عهديدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر يا يونٽ جو عهديدار ٿيڻ ڪهڙي قانون جي تحت غلط آهي؟ ڇا صرف عهديدار ٿيڻ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائڻ جي برابر نه آهي؟ ڪالھ تائين رينجر جا اعلٰي آفيسر اهو چوندا هئا ته اهي انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي ڪاروائي ڪن ٿا پر اڄ اهي پاڻ ئي اعتراف ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن کي ڪنهن ڏوھ يا اطلاع جي بنياد تي نه فقط ايم ڪيو ايم جو عهديدار هجڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته پوري ملڪ ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ۽ قانون کي گهربل ماڻهو کلي عام گهمندا پيا وتن پر رينجر کي گرفتاري جي لاءِ صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جا عهديدار ئي نظر اچن ٿا.


6/30/2024 5:44:17 AM