Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ۾ اهم سيمينارن جو انعقاد.
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ٽورنٽو ۽ مانٽريال ۾ سيمينارن جو انعقاد ڪيو ويو جنهن جو موضوع هو“ پاڪستان ۾ نون انتظامي يونٽن جو قيام ڇو ضروري آهي” انهن تقريبات ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
ڪراچي ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي غير قانوني گرفتاري ۽ گم ڪرڻ جو لاپتا ماڻهن جو حڪومتي ڪميشن نوٽس وٺي. ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
متحده قومي موومينٽ جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جي انچارج بابر انيس حڪومتي ڪميشن برائي لاپتا ماڻهن جي سربراھ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي آڙ ۾ اردو ڳالهائڻ وارن سان ٿيندڙ ظلم کي بند ڪرائين ۽ انهن جي گم ڪرڻ جو سلسلو به ختم ڪرائين.
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي شب برات جي موقعي تي عزيز آباد ۽ پاپوش نگر قبرستانن ۾ وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي والدين ۽ حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن قمر منصور، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ شبير احمد قائم خاني شب برات جي موقعي تي عزيز آباد ۽ پاپوش نگر قبرستانن ۾ وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي والدين ۽ حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني، انهن گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني به ڪئي.
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
دهشت گردَ پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائن چاهين ٿا ته جيئن بلوچستان جا غريب عوام انهن دهشت گردن جي خلاف متحد نه ٿي سگهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪوئيٽا زون آفيس جو دورو ڪيو، ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي ڌاندلي پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ڏٺي وئي آهي. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف ٽي وي چينلن تي اليڪشن جي ڏينهن بدترين ڌاندلي جا منظر ڏيکاريا ويا آهن 
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
سنڌ حڪومت پاڻي بند ڪري مفت ٽينڪرن جي نالي تي ڪراچي جي عوام کي ذليل ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور چيو آهي اسلام آباد ۾ ڪراچي جي ڏنل پيسن سان ميٽروبس سروس جو آغاز ته ڪيو ويو آهي پر ڪراچي ۾ عوام کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ پيسا نه آهن. 
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي وفد شب برات جي سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي اجتماع ۾شرڪت ڪئي ۽ جامعه بنوريه ۾ مفتي محمد نعيم سان به ملاقات ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي وفد شب برات جي سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي اجتماع ۾ شرڪت ڪئي ۽ جامعه بنوريه ۾ مفتي محمد نعيم سان ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
پاڪستان ۾ متعين جاپان جي فرسٽ سيڪريٽري ڪيٽسونوري اشيدا جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات.
پاڪستان ۾ متعين جاپان جي فرسٽ سيڪريٽري ڪيٽسونوري اشيدا جاپان جي قونصل جنرل مٽسوريو ڪوبائشي سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪٽريٽ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
اي اين پي رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اي اين پي جي سينيئر ۽ بزرگ رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي پاڪستان جي مشرقي روايتن ۽ تهذيب جي بلڪل خلاف قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ ڌاندلي سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏايو پيو وڃي، ان جي ڪري انهن چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي فيصلي کي غريب عوام تي وڏو ظلم قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
خيبرپختونخواھ جي مڪان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جو تعداد 22 ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
 صوبي خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تعداد 22 ٿي ويو آهي، جن ۾ 9 عورتون به شامل آهن. جن علائقن کان ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن انهن جا نالا هي آهن.
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22  اميدوارن جي ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ فرمايو آهي ته حق پرست اميدوارن جي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي فتح آهي. 
Read More    Posted on: 01 Jun 2015
يم ڪيو ايم جي ميمبر سنڌ اسيمبلي سميتا افضال جي والده محترمه جبين افضال جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سميتا افضال جي والده محترمه جبين افضال جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سميتا افضال سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 31 May 2015
خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ پيش ايندڙ واقعا ملڪي تاريخ جا انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن. حق پرست سينيٽر نگهت مرزٰي حنا. خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نگهت مرزٰي حنا خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ سخت تحفظات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن ۾ بدترين ڌاندلي، ڏاڍ ۽ اليڪشن جي قانونن جون ڌڄيون اڏائڻ ۽ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ جو عمل ملڪ جي تاريخ جو هڪ بدترين واقعو آهي.
Read More    Posted on: 31 May 2015
Items 1441 to 1455 of 2634