Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ عبدالمالڪ جي لاءِ مٺائي جا ٻه ٽوڪرا، گلدستو ۽ 25 هزار روپين جي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي جي نوجوان عبدالمالڪ آمريڪا ۾ مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ مخير حضرات کي انهن جهڙن همت وارن نوجوانن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي.
Read More    Posted on: 24 Jun 2015
متحده قومي موومينٽ بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن سياسي جماعت آهي ۽ اها پاڪستان جي ڀائيچاري ۽ استحڪام تي مڪمل يقين رکي ٿي.
Read More    Posted on: 24 Jun 2015
پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪري اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي ماهرن جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ انهن جي سفارشن جي مطابق اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي عوام جا تحفظات دور نه ڪري سگهجن ته پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن ته جيئن برساتن جو پاڻي ضايع نه ٿئي. 
Read More    Posted on: 24 Jun 2015
گلگت نگر جي معروف سياسي شخصيت مرزٰي حسين جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلگت نگر جي معروف سياسي شخصيت مرزٰي حسين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد سينيئر قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ مرحوم جو ٽيجهو ڪراچي ۾ ٿيو.
ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والدسينيئر قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ مرحوم جو ٽيجهو ڊفينس ڪراچي جي مسجد مصطفٰي ۾ ٿيو. ٽيجهي ۾ سياسي رهنمائن، چونڊيل نمائندن، حاضر ۽ رٽائر ججن، سينيئر وڪيلن، بيوروڪريٽس، صنعتڪارن، واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا تعلق رکڻ وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
آصف علي زرداري جي تقرير کي ملڪي ادارن جي خلاف قرار ڏيڻ وارا اينڪر پرسن عمران خان جي ان بيان تي ڇا چوندا جنهن ۾ انهن چيو هو ته 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مٽ وهي ايندو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سوال.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد مصطفٰي عزيز آبادي، قاسم علي رضا، سليم دانش ۽ محمد اظهار پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ ٽي وي چينلن جي انهن سمورن اينڪرپرسنن ۽ تبصرو ڪندڙن کي جيڪي سابق صدر آصف زرداري جي تقرير جي ڪجھ حصن کي نه صرف گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن بلڪه ڪجھ حصن کي ته ملڪي ادارن جي توقير جي خلاف به قرار ڏيئي رهيا آهن، کي چيو آهي 
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
پاڪستان جا مخير حضرات، واپاري ۽ عام شهري پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڪي ڪي ايف کي ڏين.ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم فلاحي ڪمن يا سياست ۾ ڏاڍ جي قائل نه آهي. ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن نه اڳ ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍ ڪيو آهي ۽ نه ئي هن ڀيري ڪندا. 
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج نذر مڪرم، ڪورنگي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر مجيب ، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 77 جي انچارج محمد عالم ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن محمد شاهد جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج نذر مڪرم، ڪورنگي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر مجيب، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 77 جي انچارج محمد عالم ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن محمد شاهد جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
رينجر جي طرفان دهشت گردن جي گرفتارين جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن سان وحشياڻو سلوڪ سراسر غير انساني آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رينجر جي هٿان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن تي سخت رڌ عمل جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 17 Jun 2015
خواجه آصف مهاجرن جي نه بلڪه بانيان پاڪستان ۽ تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين ڪئي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ جي هڪ ٻئي سزا ڏني وئي آهي. خواجه آصف پنهنجي دل جي ڳالھ ڪري بدترين شائونسٽ، نسل پرستي ۽ تعصب واري رويي جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
ايم ڪيو ايم آزاد جمون و ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ خواجه آصف جي بيان جي خلاف مذمتي قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي.
              وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي بيان جي خلاف ايم ڪيو ايم آزاد جمون و ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي. اها قرارداد آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ۽ مهاجرن جي خلاف توهين وارا لفظ استعمال ڪرڻ تي بجيٽ سيشن جي دوران بحث ڪرڻ جي درخواست به ڪئي. 
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد مرحوم ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي انچارج سيد طيب حسين هاشمي جي والده محترمه ۽ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي ميمبر ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر طيب يزداني جي وفات تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي انچارج سيد طيب حسين هاشمي جي والده محترمه ۽ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي ميمبر ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر طيب يزداني جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف مهاجرن جي خلاف خواجه آصف جي بيان تي پنهنجي جماعت ۽ حڪومت جي پوزيشن واضع ڪن.ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته وفاقي وزير دفاع خواجه آصف  مهاجرن جي توهين ڪرڻ تي فورن معافي نه ورتي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي.
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ جي حوالي سان وضاحت تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.
Read More    Posted on: 16 Jun 2015
Items 1396 to 1410 of 2634