Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. رابطا ڪميٽي جو اعلان.


بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. رابطا ڪميٽي جو اعلان.
 Posted on: 7/5/2015 1
بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. رابطا ڪميٽي جو اعلان.
ڪراچي؛ 5 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي طرفان بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته کاتي دارن کان 6 .0 جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جو ڪارو قانون رائج ڪرڻ کاتي دارن جي پيسن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي. جڏهن ته کاتي دارن کان انهن جي ئي پيسن جي ڏي وٽ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي بجاءِ ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ حڪومتي بديانتي جو کليل ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي بينڪ کاتي دارن کان 6. 0 جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ اصول پرست سياسي جماعت آهي ۽ سياسي، واپاري، معاشي ۽ اقتصادي ميدان ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهشمند آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم ان ڪاري قانون کي رد ڪري ٿي ۽ ان جي خلاف واپاري برادري کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياري ٿي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته اهابينڪ کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون کي فوري طور تي واپس وٺي ۽ حڪومتي سطح تي واپار دشمن ڪوششون ڪرڻ وارن جو سخت احتساب ڪري. 

6/30/2024 5:47:10 AM