Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر جي فون تي خيريت دريافت ڪئي.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر جي فون تي خيريت دريافت ڪئي.
 Posted on: 7/18/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر جي فون تي خيريت دريافت ڪئي.
قمر منصور جي والده جي رهائي جي لاءِ انصاف جو هر دروازو کڙڪايو ويندو.نديم نصرت.
لنڊن؛ 18 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر کي فون ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي.قمر منصور جي والده ڪافي عرصي کان بيمار آهن ۽ قمر منصور جي گرفتاري کان پوءِ انهن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. نديم نصرت قمر منصور جي والده جي فون تي عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي طرفان انهن جي خيريت به دريافت ڪئي. انهن قمر منصور جي والده سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. انهن چيو ته اوهان تنها نه آهيو بلڪه آزمائش جي ان گهڙي ۾ پوري پارٽي اوهان سان گڏ آهي. انهن يقين ڏياريو ته قمر منصور جي رهائي جي لاءِ انصاف جو هر دروازو کڙڪايو ويندو. ان موقعي تي قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن ڏک مان هن وقت مان گذري رهي آهيان اهو ئي ڏک هن وقت هزارين گهرن ۾ به آهي ۽ تحريڪ جي هزارين شهيدن، لاپتا ڪارڪنن ۽ روپوش پٽن جون امڙيون هن وقت جنهن ڏک ۾ مبتلا آهن مان انهن جي ڏک ۾ به شريڪ آهيان. مون کي پنهنجي پٽ سان گڏو گڏ انهن سمورين امڙين جي پٽن جو به احساس آهي. 
*****

6/30/2024 5:47:23 AM