Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عابد شير علي پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


عابد شير علي پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف  جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/18/2015
عابد شير علي پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف  جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي وزير مملڪت عابد شير علي پنهنجي اوقات کان وڌي ڪري بيان ڏيڻ جي بجاءِ پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عابد شير علي پنهنجو قد ڪاٺ مٿي ڪرڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پوري پاڪستان جا عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته مسلم ليگين کي فوج سان ڪيتري محبت آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين ڪڏهن به ملڪي خزاني کان هڪ پائي به نه لٽي آهي ۽ نه سرڪاري بينڪن کان اربين ۽ کربين روپين جا قرض معاف ڪرايا آهن ۽ نه ئي نيب ۾ انهن جي خلاف مقدمن جي ڪائي تفتيش هلي رهي آهي. انهن چيو ته اڄ پوري قوم عابد شير علي جهڙن ٻن ٽڪن جي ماڻهن جي اصل ڪرتوتن کان چڱي نموني واقف آهي ۽ ڄاڻي ٿي ته انهن جي وڏن يعني شريف ڀائرن جي خلاف نيب ۾ تحقيقات جاري آهي. انهن چيو ته عابد شير علي جا وڏا شريف ڀائر جيڪي ڪالھ تائين ضياء الحق جون جتيون کڻي ڪري کڻي انهن جي ڪڍ گهنمدا هئا، اڄ اهي ملڪ جو مال لٽي ڪري کرب پتي بڻجي چڪا آهن ۽  اڄ  اهي فوج جي حمايت ۾ به ڳالھ رهيا آهن جيڪي ڪالھ تائين  فوج کي گاريون ڏيندا هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستاني قوم کي اهو چڱي نموني ياد آهي ته نواز شريف جا پٽ نواز شريف جي رهائي جي لاءِ ڀارتي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي کي خط لکي پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج سان محبت جو ثبوت ڏيئي چڪا آهن.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته جن جو دامن بي غيرتي ۽ ملڪ دشمني سان آلوده هجي انهن کي ٻين جي خلاف زبان استعمال ڪرڻ کان اڳ شرم اچڻ گهرجي. 
*****

6/30/2024 5:44:17 AM