Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/18/2015
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
الله تعالٰي کان سواءِ مهاجرن جو ڪوئي به والي وارث نه آهي. مهاجرن کي پنهنجي بقا جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.
حيدرآباد ۾ ذميوارن سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 18 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ان جي ڪري تحريڪ جا ڪارڪنَ هر وڏي کان وڏي آزمائش جي لاءِ تيار رهن. اها ڳالھ انهن جمعي جي رات حيدرآباد ۾ ذميوارن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته هڪ ڀيرو نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام سان گڏ ويٺا هئا ۽ جنگي هٿيارن جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون هيون. اوهان صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام کي مشورو ڏنو ته صحيح نشاني تي تير لڳائڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي جي لاءِ اوهان جيڪي تير استعمال ڪري رهيا آهيو اهي ڪندا رهو، پر مان اوهان جي علم ۾ اها ڳالھ آڻڻ چاهيان ٿو ته هن وقت سڀني کان وڌيڪ ۽ موثر تيرڪمان ايران جا بڻيل آهن. اوهان سٺا تير ڪمان حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايران سان رجوع ڪريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اها حديث مبارڪ ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته هاڻي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ مسلمان ۽ غير مسلمان جو فرق ختم ٿي چڪو آهي. رينجر جي اهلڪارن رمضان شريف جي 29 هين رات مبارڪ تي سحري جي وقت نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ۽ اتان 

رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪهف الورٰي ۽ قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو. جيستائين رينجر وارا اتي رهيا سحري جو وقت به ختم ٿي ويو ۽ درجنين ماڻهو سحري نه ڪري سگهيا۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي بغير سحري جي روزو رکڻو پيو. انهن فرمايو ته اڄ مهاجرن جي اڪثريت پاڪستان ۾ مقبوضه ڪشمير کان به بدتر حالتن ۾ ڳوڙهن ۽ سڏڪن سان عيد ملهائي رهي آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ مهاجرن جو ڪوئي به والي وارث نه آهي. ان جي ڪري مهاجرن کي پنهنجي بقا جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ مسلمان ۽ غير مسلمان جو فرق ختم ٿي ويو آهي ته پوءِ مهاجرن کي به پنهنجي بقا جي لاءِ سوچڻو پوندو ۽ صرف سوچڻو ئي نه پوندو بلڪه عملي قدم به کڻڻا پوندا. انهن خصوصن مهاجر نوجوانن کي چيو ته اڄ سرڪاري اهلڪار اوهان جي گهرن تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن. آخر انهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪير ايندو. ان جي ڪري اوهان پنهنجي پاڻ کي جسماني طور تي چست رکڻ جي لاءِ ورزش ڪريو ۽ ڪنهن ايڪسر سائيز ڪلب ۾ وڃو ڇو ته جڏهن اوهان جسماني طور تي چست ٿيندو ته ڀڄندڙ دشمن کي به پڪڙي سگهندو. جناب الطاف حسين ذميوارن کي چيو ته اهي ڪارڪنن ۽  عوام کي منهنجي طرفان عيد جي مبارڪباد ڏين ۽ انهن کي منهنجو سلام به پهچائين. آخر ۾ انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان جي اتحاد کي برقرار رکي ۽ جيڪي ماڻهو مهاجرن کي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن الله تعالٰي انهن کي ابرهه جي لشڪر وانگر نيست و نابود ڪري. آمين. 

6/30/2024 5:46:07 AM