Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سليم ٻنڌاڻي جي وڏي ڀاءُ ۽ ايم ڪيو ايم سکر زون جي سينيئر ڪارڪن محمد خليل ٻنڌاڻي جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سليم ٻنڌاڻي جي وڏي ڀاءُ ۽ سکر زون جي سينيئر ڪارڪن محمد خليل ٻنڌاڻي جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين دعا ڪندي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي محمد خليل ٻنڌاڻي جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن .
Read More    Posted on: 05 Jun 2015
ايڪسپريس نيون چينل ڪراچي جي بيوروچيف فيصل حسين جي والده محترمه جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايڪسپريس نيوز چينل ڪراچي جي بيورو چيف فيصل حسين جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي فيصل حسين سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه جا درجات بلند ڪري ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
Read More    Posted on: 05 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن وسيم دهلوي جي ٽيجهي جو اجتماع انهن جي گهر تي منعقد ٿيو.
            متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن وسيم دهلوي جو ٽيجهو انهن جي گهر تي منعقد ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ايڊووڪيٽ، اسلم آفريدي ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد جي بلند درجات جي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي وئي. 
Read More    Posted on: 05 Jun 2015
6 جون بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام برنس روڊ تي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ٻاهران پاڻي جي هٿرادو بحران جي وڏي ڪمي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
              متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 6 جون بروز ڇنڇر تي منجهند ٽين وڳي پاڻي جي هٿرادو بحران جي وڏي ڪمي جي خلاف سنڌ سيڪٽريٽ جي ٻاهران برنس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر، حق پرست سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن. 
Read More    Posted on: 05 Jun 2015
ڪوئٽيا خضدار ۾ سيلابي وهڪري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪوئٽا خضدار ۾ سيلابي وهڪري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 04 Jun 2015
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي 10 ڏينهن کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري ظلم جي هڪ مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي رينجر جي طرفان 10 ڏينهن تائين لاپتا رکڻ کان پوءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته فريد الدين کي غير قانوني طريقي سان حراست ۾ رکڻ ظلم جي هڪ مثال آهي.
Read More    Posted on: 04 Jun 2015
وسيم دهلوي شهيد جو پوليس جي حراست ۾ وحشياڻو قتل ڪارڪنن تي ظلم و ستم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي. لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني کان پوءِ پريس بريفنگ.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وسيم دهلوي شهيد تي پوليس جي حراست جي دوران وحشياڻو تشدد ٻن ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، غير قانوني گرفتارين ۽ ٻين ظلمن جي هڪ ڪڙي آهي.
Read More    Posted on: 04 Jun 2015
وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت سڄي ملڪ ۾ اجتماعن جو انعقاد ٿيو جن ۾ شهيد کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو.
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام پوليس حراست ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اجتماع منعقد ڪيا ويا جن ۾ شهيد جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. 
Read More    Posted on: 04 Jun 2015
وزير اعلٰي سنڌ وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد جي سرڪاري حراست ۾ قتل تي صرف انڪوائري ڪميٽي ڇو بڻائي؟ ان ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟
Read More    Posted on: 04 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ٻيهر لاپتا ڪرڻ ۽ ماورائي عدالت قتل ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.
Read More    Posted on: 03 Jun 2015
عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد سان ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن وسيم دهلوي کي بلديه ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد کي بلديه ٽائون جي مواڇ  ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 03 Jun 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، ان جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا.
پوليس جي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري تشدد سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي کي سومر ۽ اڱاري جي وچين رات انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو هو.
Read More    Posted on: 03 Jun 2015
شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي دعا.

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعا ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 03 Jun 2015
پوليس جي حراست ۾ ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس جي حراست ۾ وحشياڻي تشدد جي دوران ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ظلم جي خلاف ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 03 Jun 2015
اورنگي ٽائون ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي وڏي پيماني تي گرفتارين تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي طرفان مذمت.
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن اورنگي ٽائون ۽ قصبه علي ڳڙھ  ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي وڏي پيماني تي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها سنڌ حڪومت جي متعصبانه پاليسين ۽ پاڻي جي عدم فراهمي جي خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وارن بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي ڇڏرائي. 
Read More    Posted on: 02 Jun 2015
Items 1426 to 1440 of 2634