Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات گڏ ڪرڻ جي خلاف زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات گڏ ڪرڻ جي خلاف زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/4/2015 1
ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات گڏ ڪرڻ جي خلاف زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان مقصد جي لاءِ خاص طور تي اهڙن ماڻهن کي پروگرامن ۾ گهرايو وڃي ٿو جن کي ايم ڪيو ايم سان وڏو ساڙ ۽ حسد آهي.
انهن عقل جي انڌن کي ڪجھ مهينا اڳ اين اي 246 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ڇو ياد نه  آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي وڏا پيسا وٺي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙن الزامن تي ٻڌل ٽي وي ٽاڪ شوز ڪرڻ کان علاوه اڄ ڪالھ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات ۽ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي خلاف به وڏي زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ خاص طور تي اهڙن ماڻهن کي پروگرامن ۾ گهرايو وڃي ٿو جن کي ايم ڪيو ايم سان وڏو ساڙ ۽ حسد آهي ۽ اهي ايم ڪيو ايم کان نفرت ۽ تعصب جي حوالي سان ئي سڃاتا وڃن ٿا. اهي متعصب ماڻهو ٽاڪ شوز ۾ ويهي ڪري ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ته وڏي تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا پر اهي عمران خان جي طرفان شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم کي جائز قرار ڏين ٿا. اهي جماعت اسلامي جي طرفان زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ جي مهم کي به جائز قرار ڏين ٿا ايستائين جو جهادي تنظيمون به کلي عام فنڊ گڏ ڪن ٿيون. پر اهي انهن جي خلاف ته هڪ لفظ به نه ٿا ڳالهائين ۽ ڪي ڪي ايف کي به هڪ منٽ جي لاءِ به نه ٿا بخشين ۽ اهو الزام به لڳائين ٿا ته ڪراچي ۾ ماڻهو خوف جي ڪري ايم ڪيو ايم کي زڪوٰت، فطرو ۽ قرباني جون کلون ڏين ٿا.انهن فرمايو ته عقل جي انهن انڌن  کي ڪجھ مهينا اڳ اين اي 246 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ڇو ياد نه آهي.جنهن ۾ هر گهڙي تيار ڪامران هين هم، پاڪستاني فوج کي جوان هين هم. جي تراني تي عمل ڪندي هزارين رينجر اهلڪار هر پولنگ اسٽيشن، هر پولنگ بوٿ ايستائين جو ووٽن جي ڳڻپ وقت به موجود هئا ۽ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اهڙا ئي تعصب پرست اينڪر پرسن چئي رهيا هئا ته هاڻي ايم ڪيو ايم کي ايترا ووٽ نه ملندا جيترا پهرين ملندا هئا ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم جي کٽڻ جا چانس به مشڪوڪ آهن.ڇو ته رينجر جي اهلڪارن جي موجودگي ۾ اهي بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا. پر دنيا ڏٺو ته رينجر ۽ فوج جي سمورين رڪاوٽن ۽ پريشانين جي باوجود لکين ماڻهو امڙيون، ڀينرون، بزرگ ۽ معذور ماڻهو ووٽ وجهڻ جي لاءِ آيا ۽ انهن پنهنجي مرضي سان ووٽ وڌا. ميڊيا اهي رپورٽون به ته ڏيکاري جو جڏهن رينجر وارن عورتن کي مجبور ڪيو ته اهي پي ٽي آئي جي انتخابي نشان بيٽ تي ٽپو هڻڻ پر ان جي باوجود پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي کي عبرتناڪ شڪست ٿي ۽ ايم ڪيو ايم روايت جي مطابق پنهنجي برتري کي برقرار رکيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهي عورتون ۽ مرد اينڪر پرسن منهنجن انهن اٿاريل سوالن جو ڪهڙو جواب ڏيندا.
*****


6/30/2024 5:48:17 AM