ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اظهار احمد خان ۽ اسلم آفريدي جميعت علماء اسلام( ف ) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا محمد طاهر سان انهن جي گهر واري جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهارڪيو
ڪراچي: 15 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اظهار احمد خان ۽ اسلم آفريدي جميعت علماء اسلام ( ف ) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ الخير ٽرسٽ جي سرپرست اعلٰي مولانا محمد طاهر سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان انهن جي گهر واري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم اوهان سان گڏ آهي. ان موقعي تي انهن مرحومه جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان پوءِ مولانا محمد طاهر ڏک جي ان گهڙي ۾ دلي تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي جو ٿورو به مڃيو.