Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي ۽ انهن جي ميت پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.


ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي ۽ انهن جي ميت پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.
 Posted on: 8/10/2015
ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي ۽ انهن جي ميت پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.
حيدرآباد: 10 آگسٽ 2015 
             ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبر ڪشائي ۽ انهن جي ميت انهن جي پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي ڪالھ 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.تفصيلات جي مطابق اڄ سومر تي ايم ڪيو ايم جي وڪيلن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي جي لاءِ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد لقمان ميمڻ جي عدالت ۾ تحريري درخواست دائر ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وڪيلن جي درخواست تي سيشن جج ايس ايڇ او لوڻي ڪوٽ پير ممتاز کي طلب ڪيو ۽ انهن کي حڪم ڏنو ته اهي 11 آگسٽ بروز اڱاري تي محمد هاشم جي واقعي جي باري ۾ مڪمل تحريري رپورٽ پيش ڪن. جج ايم ڪيو ايم جي وڪيلن کي يقين ڏياريو ته ڪالھ تحريري رپورٽ ايندي ئي محمد هاشم جي ميت جي قبر ڪشائي جي باري ۾ حڪمَ جاري ڪيا ويندا ۽ قبرڪشائي ڪري ميت ڪراچي منتقل ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي ڪراچي جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. واضع رهي ته محمد هاشم کي 6 مئي تي نائن زيرو کان گهر ويندي رستي کان ئي گرفتار ڪيو هو جنهن کان پوءِ اهي لاپتا هئا.محمد هاشم شهيد جي گهر وارن 8 مئي 2015 تي انهن جي بازيابي جي سلسلي ۾ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪئي پر محمد هاشم شهيد بازياب نه ٿيا. گذريل ڏينهن لياقت آباد سپر ڪورٽ مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس محمد هاشم جي گهر وارن کي ٻڌايو ته لوڻي ڪوٽ 
ڄامشورو وٽان 12 جولائي 2015 تي هڪ لاش ملي هئي جنهن کي 15 جولائي تي ايڌي سينٽر لاوارث ڄاڻائي ڪري حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. پوليس جي طرفان لاش جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا جا فنگر پرنٽ به موڪليا ويا ۽ نادرا جي طرفان اها تصديق ٿي وئي هئي ته اها لاش محمد هاشم جي ئي آهي. محمد هاشم جي گهر وارن ٿاڻي ۾ وڃي ڪري تصوير ڏسي سڃاڻي ورتو ته اها تصوير محمد هاشم جي ئي آهي. 
*****


6/30/2024 5:45:37 AM