Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منظور وساڻ کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين.


منظور وساڻ کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين.
 Posted on: 8/10/2015
منظور وساڻ کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين.
ڪراچي: 10 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين چيو آهي ته صوبائي وزير منظور وساڻ نفسياتي مرض جو شڪار آهن ۽ انهن کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سڄي سنڌ جا عوام منظور وساڻ جي خانداني پس منظر ۽ ڪردار کان چڱي نموني واقف آهن ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته منظور وساڻ بنيادي ذهني مريض ۽ نشي جا عادي آهن ۽ نشي جي ڪري ئي انهن جي ابتڙ سبتڙ ڳالھائڻ جي عادت بڻجي چڪي آهي ۽ نشي ۾ ٻڏي ڪري ئي اهي اڪثر ڪوڙا خواب به ڏسندا رهن ٿا جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ماڻهو انهن تي کلندا آهن. انهن چيو ته منظور وساڻ جهڙي نفسياتي مريض کي سنڌ جي ڪابينا ۾ شامل ڪري سنڌ جي عوام سان وڏو مذاق ڪيو ويو آهي. جنهن تي وزير اعلٰي کي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. انهن سنڌ حڪومت کي مشورو ڏنو ته اها منظور وساڻ جو سرڪاري خرچ تي ڪنهن سٺي نفسياتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي.
*****

6/30/2024 5:47:12 AM