ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 13 ۽ 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جشن آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم.
ڪراچي: 11 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. جشن آزادي جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين جي واضع هدايت کان پوءِ رابطا ڪميٽي جي صدارت هيٺ ايم ڪيو ايم جي شعبن جو اجلاس خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. جنهن ۾ جشن آزادي جي انقعاد جي سلسلي ۾ ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون ته جيئن جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وڃي.
*****