Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد جو ايم ڪيو ايم جي فوٽو سيڪشن جي شهيد ميمبر محمد هاشم جي گهر جو دورو.


ايم ڪيو ايم  جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد جو ايم ڪيو ايم جي فوٽو سيڪشن جي شهيد ميمبر محمد هاشم جي گهر جو دورو.
 Posted on: 8/10/2015
ايم ڪيو ايم  جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد جو ايم ڪيو ايم جي فوٽو سيڪشن جي شهيد ميمبر محمد هاشم جي گهر جو دورو.
ڪراچي: 10 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن ۽ فوٽو سيڪشن جي ميمبر محمد هاشم شهيد جي گهر جو دورو ڪيو. وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، سيد امين الحق، محمد ڪمال ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر به شامل هئا.  ان موقعي تي وفد شهيد جي پونئرن سان محمد هاشم شهيد جي دردناڪ شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد حسين ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي 150 ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ لاپتا ڪيو ويو آهي، جن کي هن مهل تائين ڪنهن به عدالت ۾ به پيش نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته محمد هاشم ايم ڪيو ايم جا سينيئر ڪارڪن هئا. انهن وڌيڪ چيو ته هن مهل تائين 40 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي. اسان انصاف جي لاءِ ملڪ جي هر فورم تي آواز بلند ڪئي ۽ هر طرح جو آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو پر ڪٿان به اسان کي انصاف نه مليو. ان موقعي تي شهيد جي پونئرن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.
*****

6/30/2024 5:45:38 AM