Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/9/2015 1
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
13 ۽ 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جشن آزادي جا وڏا اجتماع منعقد ڪيا ويندا.
اسان جي بزرگن لکين جانين جون قربانيون ڏيئي ڪري پاڪستان بڻايو ۽ اسان ئي پاڪستان جا اصل وارث آهيون.
اسان ڪنهن اداري سان محاذ آرائي يا ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون ۽ سڀني سان بهتر تعلقات چاهيون ٿا پر اسان ظلم کي ظلم چوندا رهنداسين.
مهاجرن کي هڪ سازش جي تحت نوڪرين مان ڪڍيو ويو.
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي تنظيمي ذميوارن جي اهم اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 9 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ ۾ جشن آزادي جا وڏا اجتماع منعقد ڪيا ويندا. اهو اعلان جناب الطاف حسين نائن زيرو تي تنظيمي ذميوارن جي هڪ اهم اجلاس کي فون تي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان گڏو گڏ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ سمورن تنظيمي شعبن جي ذميوارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي بزرگن لکين جانين جون قربانيون ڏيئي ڪري پاڪستان بڻايو، اسان ئي پاڪستان جا اصل وارث آهيون، ڀلي اسان تي غداري جا ڪيترائي الزام لڳايا وڃن ۽ اسان تي ڪهڙو ئي ظلم ڇو نه ڪيو وڃي پر ڪوئي به ظلم پاڪستان کان اسان جي ان رشتي کي ختم نه ٿو ڪري سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي بزرگن پاڪستان جي ابتدائي ڍانچي کي بڻايو، ان جي تعمير ڪئي پر پاڪستان جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ وارن کي پاڪستان جي قيام کان وٺي ئي نفرت ، تعصب ۽ ناانصافين جو نشانو بڻايو ويو، انهن کي هڪ سازش جي تحت نوڪرين مان ڪڍيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ ڏهن سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري مهاجرن تي اعلٰي تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا. پر اهو ڪوٽا سسٽم اڄ  به جاري آهي. مختلف وقتن ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو پر ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت انهن ظلمن جي خلاف آواز بلند نه ڪئي. اسان محروم مهاجرن جي حقن جي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ته اسان کي هر طرح جي ظلمن جو نشانو بڻايو ويو. ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر دور ۾ اسان جي خلاف رياستي آپريشن ڪيا ويا. اڄ به ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي گرفتار ڪري غائب ڪيو پيو وڃي. اسان انهن ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪريون ٿا ته اسان تي غداري ۽ ملڪ دشمني جا الزام لڳايا پيا وڃن، جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪنهن اداري سان ٽڪراءُ يا جهيڙو نه ٿا چاهيون ۽ اسان سڀني سان سٺا تعلقات چاهيون ٿا پر اسان ظلم کي ظلم چوندا رهنداسين ۽ ظلم تي خاموش نه رهنداسين. انهن فرمايو ته مان ظلمن جي خلاف آگاھ ڪرڻ جي لاءِ اقوام متحده کي خط لکڻ جي ڳالھ ڪئي ته ان تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو. جيڪڏهن اقوام متحده سان رجوع ڪرڻ غلط آهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان جي دفتر خارجه ڀارت جي طرفان سرحدن جي خلاف ورزين تي اقوام متحده کان ان جو نوٽس وٺڻ جي اپيل ڇو ڪئي؟جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان صوبي جي قيام جي ڳالھ ڪريون ٿا ته ان کي به غلط رنگ ڏنو وڃي ٿو، حالانڪه هر ملڪ ۾ آبادين جي وڌڻ سان گڏو گڏ نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ  قائم ڪيا وڃن ٿا. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته آبادين جي وڌڻ سان گڏو گڏ نوان شهر آباد ڪريو. پوءِ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جي ڳالھ کي غلط ڪيئن قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي عناصر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن اهي سمجهي وٺن ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم قائم رهندي ۽ ايم ڪيو ايم کي فنا ڪرڻ جون سازشون ۽ ڪوششون ڪرڻ وارا ناڪام ۽ نامراد ٿيندا. انهن سمورن اسيمبلين جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي شهيدن ، اسيرن ۽ لاپتا ڪارڪنن جي پونئرن جي هر ممڪن مدد ڪن.
*****

6/30/2024 5:46:05 AM