Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.


نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
 Posted on: 8/11/2015
نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
لنڊن: 11 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا سابق ميمبر قومي اسيمبلي نبيل گبول جي بيهوده بڪواس ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد بهتان هڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ قاسئ علي رضا چيو ته نبيل گبول رينجر جي سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن. جيڪو انهن جي گهٽياپڻ جو هڪ وڏو ثبوت آهي.انهن چيو  ته سياسي طور تي يتيم ٿي ويندڙ نبيل گبول احسان فراموشي ۽ منافقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، نبيل گبول محفلن ۾ ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي هڪ مدبر سياسي رهنما قرار ڏين ٿا پر ٻئي طرف ذاتي مفادن جي حصول جي لاءِ گهٽياپڻ جو مظاهرو ڪري پنهنجن وڏن جي تربيت جو جنازو به ڪڍي رهيا آهن جيڪا انتهائي افسوس جي ڳالھ آهي. قاسم علي رضا چيو ته پنهنجي سيڪيورٽي جي لاءِ درخواست ڪرڻ نبيل گبول جو حق آهي پر ان مقصد جي لاءِ جناب الطاف حسين تي بهتان هڻڻ هڪ ڪريل حرڪت ۽ احسان فراموشي آهي. نبيل گبول کي پنهنجي اوقات نه وسارڻ گهرجي ۽ ڪروڙين عوام جي قائد جناب الطاف حسين جي خلاف بيهوده بڪواس ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي اوقات ۾ ڏسڻ گهرجي.
*****

6/30/2024 5:47:54 AM