Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتين جو اسڪينڊل انتهائي شرمناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتين جو اسڪينڊل انتهائي شرمناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/9/2015 1
قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتين جو اسڪينڊل انتهائي شرمناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 9 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنجاب جي شهر قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي جي اسڪينڊل کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته وحشياڻي واقعي ۾ ملوث سمورن وحشين کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب حڪومت گڊ گورننس جا دعوٰي ته وڏا وڏا ڪري ٿي پر قصور ۾ ٻارن سان زيادتين ٿيڻ ۽ انهن معصوم ٻارن جون وڊيو ڀري انهن جي گهر وارن کي بليڪ ميل ڪري وڏيون رقمون وصول ڪرڻ جوسلسلو ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي پر پنجاب حڪومت انهن وحشين جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي بلڪه اها ڳالھ وڏي شرمناڪ آهي ته قصور جي پوليس ۽ انتظاميه ان واقعي کي زمينن جو جهيڙو قرار ڏيئي ڪري ان معاملي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اهو واقعو پنجاب تي ئي نه بلڪه اسان جي ملڪ جي مٿي تي به هڪ بدنما داغ آهي. رابطا ڪميٽي متاثر ٿيندڙ ٻارن جي والدين سان ان معاملي تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. 
*****


6/30/2024 5:47:12 AM