Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جي خلاف لنڊن 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.


ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جي خلاف لنڊن 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.
 Posted on: 8/10/2015
ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جي خلاف لنڊن 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.
لنڊن: 10 آگسٽ 2015 
           ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن،گرفتارين ۽ انهن کي لاپتا ڪرڻ جي واقعن جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان لنڊن ۾ برطانوي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي سامهون هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان گڏو گڏ عورتن ۽ بزرگن جي به وڏي تعداد شامل هئي. مظاهري ۾ پاڪستانين به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن مصطفٰي عزيز آبادي،اظهار احمد خان، ڊاڪٽر سليم دانش، انبساط ملڪ، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن طارق جاويد، محمد شريف، سينيئر ميمبر محمد انور ۽ ٻين کان علاوه شهيد رهنما ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيوه شمائله عمران به شرڪت ڪئي. مظاهرين پنهنجن هٿن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان جا جهنڊا ۽ جناب الطاف حسين جي تصويرن کان علاوه پلي ڪارڊ به کنيا هئا جن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڪارڪنن جي گرفتارين ، لاپتا ڪرڻ ۽ مهاجرن تي ظلم بند ڪريو جا جملا تحرير هئا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب به ڪيو ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين، انهن کي لاپتا ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت به ڪئي ۽ رياستي آپريشن بند ڪرڻ جي اپيل به ڪئي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي برطانوي وزير اعظم جي رهائشگاھ 10 ڊائوننگ وڃي ڪري پٽيشن به پيش ڪئي. 
*****

6/30/2024 5:47:24 AM