Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/10/2015
سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 10 آگسٽ 2015 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ وارن معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي وحشياڻي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته معذور ماڻهن ۽ عورتن کي ڪوٽا تي نوڪريون وٺڻ جي ڪري احتجاج ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻائڻ مقدس ايوان جي توهين آهي ۽ ان شرمناڪ عمل مان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو ايوان ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد قائم علي شاھ به موجود هئا پر ان جي باوجود سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران معذورن تي جهڙي طرح تشدد ڪيو ويو آهي اهو هڪ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي پوليس تشدد سان زخمي ٿيندڙ معذورن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم انهن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انهن جي مطالبن جي منظوري جي لاءِ هر سطح تي آواز به بلند ڪندي. رابطا ڪميٽي اخيتار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو ته اهي معذورن تي تشدد جي فوري طور تي اعلٰي سطحي  تحقيقات ڪرائين ۽ ان واقعي ۾ ملوث اعلٰي آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي هٽايو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:45:19 AM