Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لياري، ملير ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير آئيني ۽ غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

 Posted on: 8/9/2015 1
لياري، ملير ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير آئيني ۽ غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 9 آگسٽ 2015 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لياري، ملير ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن  جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ 5 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 8 آگسٽ تي رينجر لياري سيڪٽر يونٽ 32 جي ڪارڪن محمد ناصر، جڏهن ته ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 سي جي ڪارڪن ظهير الدين کي انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح ملير سيڪٽر يونٽ 102 جي ڪارڪنن وقار الدين، محمد عارف ۽ ارشد کي به انهن جي گهرن تان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن تي سخت تشدد ڪندي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي ۽ اهي قانون جي پڪڙ کان به آزاد آهن انهي جي ڪري اهي ماڻهن جي جان و مال سان کيڏي رهيا آهن، پر ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جهڙي پرامن جمهوري ، سياسي ۽ محب وطن جماعت جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي آپريشن جي آڙ ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتارين کان پوءِ 90 ڏينهن جي لاءِ حراست ۾ رکڻ هاڻي معمول جو حصو بڻجي چڪو آهي جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم کي ئي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف،وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي غير قانون ڇاپن جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

6/30/2024 5:44:44 AM