Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
جسٽس ناصر الملڪ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جسٽس ناصر الملڪ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي .
Read More    Posted on: 07 Jul 2014
دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري پاڪستاني قوم ۽ هٿيار بند فوج هڪ صفحي تي آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري پاڪستاني قوم ۽ هٿيار بند فوج هڪ صفحي تي آهن، سڀني کان پهرين ملڪ کان دهشت گردن جي صفائي ٿيندي ان کان پوءِ جاگيردارن،وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کان پچاڻو ڪيو ويندو ۽ قانون جي مطابق انهن جي احتساب جو مرحلو شروع ٿيندو. پنهنجي پنهنجي منشور ۽ نظرين جي تبليغ ڪرڻ سڀني جو
حق آهي پر ڪنهن کي ڪلاشنڪوف ، ڏنڍا بردار ۽ تلوارن جي ذريعي پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت يا نظريو ٻين تي مسلط ڪرڻ جي هرگز به ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.

Read More    Posted on: 06 Jul 2014
فوج سان جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ايم ڪيو ايم حب الوطني جو ثبوت ڏيئي چڏيو آهي. شيخ رشيد

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جناح پارڪ ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسي کي خطاب ڪندي مختلف سياسي جماعتن جي رهنمائن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هڪ وڏي جلسي سان دهشت گردن جا ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا ۽ پاڪ فوج کي وڏو حوصلو ملندو.



Read More    Posted on: 06 Jul 2014
هٿيار بند فوج دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي نه آهي بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ان سان گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هٿيار بند فوج دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي نه آهي بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ان سان گڏ آهي ۽ قوم جي امڙين، ڀينرن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارڙن جون دعائون ان سان گڏ آهن.انهن اها ڳالھ ڇنڇر جي رات ڪراچي جي جناح پارڪ ۾ آچر تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 05 Jul 2014
پاڪ فوج ۽ عوام دهشت گردن جي اڳيان ڪنهن به قيمت تي سر نه جهڪائيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو آهي ته پاڪستان جي فوج ۽ پاڪستان سان سچي محبت ڪرڻ وارا ماڻهو، وحشي دهشت گردن ۽ انهن جي دهشت گردين جي اڳيان ڪنهن به قيمت تي سر نه جهڪائيندا.
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي مختلف سياسي جماعتن جي رهنمائن سان ملاقاتون ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي،شاهواڻي قبيلي جي سردار صوبائي وزير نواب محمد خان شاهواڻي ، ميمبر صوبائي اسيمبلي بلوچستان ۽ رند قبيلي جي رهنما عامر رند، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي وائيس چيئرمين آغا حسن رضا ۽ پشتونخواھ ملي عوامي پارٽي جي صوبائي صدر عثمان ڪاڪڙ سان ملاقات ڪري
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي مختلف سياسي جماعتن جي رهنمائن سان ملاقاتون ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي،شاهواڻي قبيلي جي سردار صوبائي وزير نواب محمد خان شاهواڻي ، ميمبر صوبائي اسيمبلي بلوچستان ۽ رند قبيلي جي رهنما عامر رند، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي وائيس چيئرمين آغا حسن رضا ۽ پشتونخواھ ملي عوامي پارٽي جي صوبائي صدر عثمان ڪاڪڙ سان ملاقات ڪري
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان جي آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ٻه ٽرڪ روانا ڪيا ويا.
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙ آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين اٽو، چانور، سڪل کير، کنڊ، چانهن جي پتي، گيھ ۽ ٻين شين تي مشتمل وڌيڪ ٻه ٽرڪ امدادي سامان جا روانا ڪيا ويا.
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
رمضان شريف ۾ بم ڌماڪو ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري ٿو ته دهشت گردن جو دين و مذهب سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پارڪنگ پلازه جي ويجهو مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رمضان شريف جي مبارڪ مهيني
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سابق وزير اعلٰي سنڌ ۽ سابق وفاقي وزير ڄام معشوق علي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي، اشفاق منگي، ڊاڪٽر صغير احمد، عادل صديقي ، سابق ميمبر قومي اسيمبلي وسيم اختر ۽ ٻين سابق وزير اعلٰي سنڌ لياقت جتوئي ۽ سابق وفاقي وزير ڄام معشوق علي سان انهن جي رهائشگاهن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪري انهن کي 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
ايم ڪيو ايم جي وفد جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان ملاقات
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن تي مشتمل وفد سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 04 Jul 2014
پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي ۽ مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن ڪَوڙو ڍڪ پيئڻو پوندو آهي، اسان ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي وڏي مقصد جي لاءِ(نه چاهيندي به) ان جي حمايت ڪئي آهي.ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ختم ٿيندي ئي ان ڪاري قانون کي ختم ڪري چڏڻ گهرجي.
Read More    Posted on: 03 Jul 2014
دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان نشر ٿيندڙ پيغام
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي آپريشن ضرب عضب ۾ پوري قوم پاڪستان جي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي.انهن زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي جي خلاف مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي حوصلن کي وڌائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 6 جولائي بروز آچر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ يڪجهتي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.
Read More    Posted on: 03 Jul 2014
ايم ڪيو ايم هميشه علم و ادب ۽ علم دوستي کي فروغ ڏنو آهي ۽ ڪاپي ڏانهن لاڙي ۽ ڪاپي مافيا کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن. رابطا ڪميٽي ميمبرامين الحق.
بزم فروغ ادب و فن ۽ فريد پبليشر جي زير اهتمام 28 هين سالانه ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر امين الحق شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب ميلي ۾ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري اعجاز فاروقي، معروف شاعر ۽ مصنف انور شعور، سرور جاويد، عالم دين علامه آغاحسين مسعود ۽ ٻيا معزز به وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا.
Read More    Posted on: 03 Jul 2014
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عادل خان آغا خان اسپتال ۾ زير علاج سيد سردار احمد جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عادل خان آغا خان اسپتال ۾ زير علاج سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد جي عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.
Read More    Posted on: 03 Jul 2014