Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ڊاڪٽر طاهرالقادري هڪ سياسي حقيقت آهن،ان حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي حقيقت کي طاقت سان ڪڇلڻ جي روش کي ترڪ ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي سياسي نظرين کان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر اهي هڪ سياسي حقيقت آهن، ان سياسي حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي حقيقت کي طاقت سان ڪڇلڻ جي روش کي ترڪ ڪيو وڃي.انهن اها ڳالھ پاڪستان جي 37 شهرن ۾ هڪ ئي وقت منعقد ڪيل ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪر اجلاسن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان سلسلي جو مرڪزي اجلاس نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ يونٽن، سيڪٽرن، زونن، تمام تنظيمي ڪميٽين ۽ شعبن سان تعلق رکڻ وارن هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 25 Jun 2014
قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ۽ سينيٽرن سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار آئي ڊي پيز جي قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.

          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏو گڏ ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ملڪ جي اتر وارن علائقن ۾ دهشت گردن جي خلاف فوج جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ پنهنجا گهربار چڏڻ تي مجبور ٿيڻ وارن يعني آئي ڊي پيز جي لاءِ فنڊ ۾ جمع ڪرائين.
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
ڊاڪٽر طاهرالقادري جي جهاز جو رخ اسلام آباد کان لاهور ڏانهن موڙڻ سان نه صرف پيٽرول ۽ وقت ضايع ٿيو بلڪه دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي به ٿي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري  جي جهاز جو رخ اسلام آباد کان لاهور ڏانهن موڙڻ سان نه صرف پيٽرول ۽ وقت ضايع ٿيو بلڪه دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي به ٿي آهي. معاملي جي حل جي لاءِ جيڪو ڪجھ بعد ۾ ڪيو ويو جيڪڏهن اهو پهرين ڪري وٺجي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. انهن اها ڳالھ موجوده صورتحال جي باري ۾ اڄ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾  فرمائي.انهن فرمايو ته هن ڀيري ملڪ ۾ انقلاب اچي يا ڳالهيون ٿين ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جي مفاد کي مقدم رکيو وڃي. بغير ڪنهن نتيجي جي ڳالهيون قوم سان


Read More    Posted on: 23 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي پنجاب جي گورنرچوڌري سرور ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد ڊاڪٽر طاهر القادري کي مبارڪباد
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد جناب ڊاڪٽر طاهر القادري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
ايم ڪيو ايم ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام شهيد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني جو انعقاد.
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ايصال ثواب جي لاءِ ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع منعقد ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست ميمبرن جي ٻن مختلف وفدن جي طرفان ڊاڪٽر طاهر القادري جو وطن واپسي تي استقبال.
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن تي مشتمل ٻه مختلف وفدَ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي پاڪستان آمد جي موقعي تي اسلام آباد بينظير ايئرپورٽ ۽ لاهور ۾ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي انهن جي استقبال جي لاءِ موجود هئا
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سپريم ڪائونسل جي وفد جي عتيق مير جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سان ملاقات
آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سپريم ڪائونسل جي وفد چيئرمين عتيق مير جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ بابر غوري سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي وفد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندي انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
حڪومت جي مرضي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس گردي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس گردي ۽ کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ راولپنڊي ۾ پي اي ٽي جي ڪارڪنن تي پوليس جي طرفان حملي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته علامه طاهر القادري جي واپسي سان حڪومت پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
ڊاڪٽر طاهر القادري جي وطن واپسي تي حڪومت جي طرفان طرح طرح جون رڪاوٽون بيهارڻ ۽ انهن جي جهاز کي اسلام آباد لهڻ جي اجازت نه ڏيڻ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي وطن واپسي تي حڪومت جي طرفان طرح طرح جون رڪاوٽون بيهارڻ ۽ انهن جي جهاز کي اسلام آباد لهڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ ان جو رخ لاهور ڏانهن موڙڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 23 Jun 2014
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، معروف قانون دان عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي پونئرن سان ملاقات ۽ دلي تعزيت.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ، معروف قانون دان ۽ سابق صدر سپريم ڪورٽ بار عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ لاهور ۾ واقع فيڊرل لاجز ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي رهائشگاھ تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارن حڪمرانن کان ئي ملڪ جي استحڪام کي خطرو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارن حڪمرانن کان ئي ملڪ جي استحڪام کي خطرو آهي، حڪومتي رويي جي ڪري اڄ ملڪ جي صورتحال انتهائي ڳڻتي واري آهي، پاڪستان پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪائي به شي نظر نه ٿي اچي. انهن چيو ته اسان جهوريت ۽ سياسي رويين سان گڏ آهيون ۽ ان کان به وڌي ڪري اسان ملڪ جي استحڪام سان گڏ آهيون. پر جٿي جمهوريت ۾ آمرانه ، جارحانه ۽ انتقام وارو رويو اختيار ڪيو وڃي اسان بلڪل به ان سان گڏ نه آهيون.*
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد بيداري پنجاب طاهره آصف جي ٽيجهي جو اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو.

            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ شهيد بيداري پنجاب ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو اجتماع  منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، انجنيئر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، ڪنور خالد يونس، امين الحق، ڊاڪٽر صغير احمد، احمد سليم صديقي، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، ڪهف الورٰي، توصيف خانزاده، آنسه ممتازانوار،  اسيمبلين جي حق پرست  ميمبرن،شعبن جي ذميوارن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي شاهده رحمٰن ۽ ٻين رهنمائن تي مشتمل وفد جي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بابر غوري سان ملاقات
           پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي شاهده رحمٰن ۽ ٻين رهنمائن تي مشتمل وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بابر غوري سان ملاقات ڪئي ۽ لاهور ۾حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽي جي طرفان انهن جي شهادت جي افسوسناڪ واقعي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
انجمن اخبار فروشان جي صدر ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد افضال شاھ جي گهر واري جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي انجمن اخبار فروشان جي صدر ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد افضال شاھ جي گهر واري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
آل پاڪستان مسلم ليگ جي وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات ڪئي

سابق صدر مملڪت پرويز مشرف جي جماعت آل پاڪستان مسلم ليگ جي هڪ وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي ۽ نثار پهنور سان ملاقات ڪئي ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي شهادت تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
Items 2476 to 2490 of 2634