Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 7/3/2014 1
پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ختم ٿيندي ئي پي پي او جي قانون کي به ختم ٿيڻ گهرجي.
ملڪ کان فرسوده نظام جي خاتمي ۽ عام ماڻهو کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جيڪو به سامهون ايندو مان ان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان.
آمريڪا، برطانيه، انڊيا ۽ افغانستان کي دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينيئر صحافين، ايڊيٽرن، اينڪرپرسنن. رپورٽرن، ڪيميره مينن، فوٽو گرافرن ۽ صحافتي تنظيمن جي ميمبرن کي خطاب.
لنڊن؛ 3 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي ۽ مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن ڪَوڙو ڍڪ پيئڻو پوندو آهي، اسان ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي وڏي مقصد جي لاءِ(نه چاهيندي به) ان جي حمايت ڪئي آهي.ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ختم ٿيندي ئي ان ڪاري قانون کي ختم ڪري چڏڻ گهرجي.انهن فرمايو ته انقلاب هاڻي ملڪ جو مقدر بڻجي چڪو آهي ، غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جو وقت اچڻ وارو آهي، ملڪ کان وڏيرا شاهي ، فرسوده جاگيرداراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي ۽ عام ماڻهو کي با اختيار بڻائڻ جي لاءِ جيڪو به سامهون ايندو مان ان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينيئر صحافين، اخبارن جي ايڊيٽرن، ٽي وي چينلن جي اينڪر پرسنن، رپورٽرن، ڪيميره مينن، فوٽوگرافرن ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن سان فون تي خطاب ڪندي فرمايو.جناب الطاف حسين فرمايو ته سابق ڊائريڪٽر جنرل آئي ايس پي آر جنرل اطهر عباس ٻه ڏينهن اڳ ئي ڪنهن انٽرويو ۾ فوجي آپريشن ۾ دير ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته ان تي ڪجھ ماڻهو ناراض ٿي ويا. انهن فرمايو ته جنرل اطهر عباس جڏهن ڊي جي آئي ايس پي آر هئا ته ان وقت انهن فوجي ڊسيپلين جي پابندي ڪندي اهو ئي ڪجھ چيو جيڪو انهن کي چيو ويو هو. اڄ انهن پنهنجو تجزيو ۽ مشاهدو پيش ڪندي صرف ايترو ئي چيو آهي ته ان آپريشن جو فيصلو گهڻو وقت اڳ ئي ڪري ورتو ويو هو پر ان ۾ گهڻي دير ٿي وئي،جيڪڏهن اهو پهرين ڪيو وڃي ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل اطهر عباس جي ڳالھ درست آهي قوم گواه آهي ته مان ڪيترائي سال اڳ رڙيون ڪري ڪري چيو ته ملڪ ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي، اهي ملڪ جي لاءِ سنگين خطرو آهن. انهن کي روڪيو اهي ڪراچي ۾ به ڦيلجي رهيا آهن. مان چوان ٿو ته ڪراچي ۾ گهڻائي علائقا اهڙا آهن جتي پوليس ۽ رينجر به داخل ٿي نه ٿي سگهي. انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي ته ملڪ جو تمام وڏو نقصان ٿيندو. ان وقت منهنجي ڳالهين جو مذاق اڏايو ويو، گهڻڻ ئي ماڻهن چيو ته الطاف حسين ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي ڪائي به طالبانائيزيشن نه ٿي رهي آهي ،ان وقت  حڪومت جي ڪجھ رهنمائن ايستائين جو وزير اعلٰي تائين به طالبانائزيشن جو انڪار ڪيو.هڪ جماعت ته مخالفت ۾ اهو به چئي چڏيو ته الطاف حسين طالبان جي خلاف نه پر پختونن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح پختون ڀائرن کي ورڳلايو ويو آخر ڪار اها ئي جماعت جنهن منهنجي ڳالهين کي پختونن جي خلاف قرار ڏنو هو جڏهن طالبان ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضا ڪيا ته انهن سڀني کان پهرين پختونن جي نمائندگي جي دعويدار انهي جماعت جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي ئي نشانو بڻايو ۽ انهن جي آفيسن تي قبضا ڪيا. انهن فرمايو ته ڪراچي جا پختون باشعور ٿي چڪا آهن اڄ ڪراچي ۾ پختونن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم سان گڏ آهي اسان انشاء الله تعالٰي عيد کان پوءِ پختونن جو هڪ وڏو جلسو ڪري ڏيکارينداسين ته ڪراچي جا پختون ڪنهن سان گڏ آهن. انهن فرمايو ته سوات ۾ طالبان قبضو ڪيو ته اتي هڪ خوني چوڪ بڻايو ويو جتي روزانو ماڻهن کي ذبح ڪيو ويندو هو. انهن دهشت گردن ڇوڪرين جي اسڪولن کي بمن سان اڏايو آخر اهو ڪهڙواسلام آهي؟ انهن فرمايو ته مان جامعه الازهر سميت تمام وڏين وڏين يونيورسٽين جي عالمن سڳورن کي چيلنج ڪريان ٿو ته اهي ٻڌائين ته قرآن پاڪ جي آيت اقراباسم ربڪ الذي خلق ، ۾ الله تعالٰي ڇا مرد کي مخاطب ڪيو آهي يا عورت کي؟ڇا ان آيت مبارڪ ۾ علم جي ترغيب ڏيندي الله تعالٰي جنس جي ڪائي تفريق ڪئي آهي.نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم هڪ حديث مبارڪ ۾ فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي. جڏهن ته ٻئي حديث مبارڪ ۾ فرمايو ويو ته علم حاصل ڪريو پوءِ توهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي. انهن فرمايو ته قرآن پاڪ جي ڪنهن به آيت مبارڪ ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ کي حرام قرار نه ڏنو ويو آهي پوءِ اسان ڇا جي ڪري عورتن کي گهرن کان نڪرڻ ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳايون ٿا. انهن فرمايو ته دير آيد درست آيد پاڪستان جي فوج دهشت گردن جي خلاف هاڻي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو آهي ان ۾ فوج جا آفيسر ۽ جوان قربانيون ڏيئي رهيا آهن ، اسان سوات آپريشن جي به حمايت ڪئي هئي ۽ هن آپريشن جي به ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي فوج کي ان آپريشن ۾ ڪامياب ڪري، ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏياري ۽ پاڪستان کان فرقي واريت جي لعنت جو خاتمو ڪري.انهن فرمايو ته دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ نه آمريڪا جي آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي ملڪ جي.اها پاڪستان جي جنگ آهي ۽ پاڪستان کي بچائڻ جي جنگ آهي. انهن فرمايو ته پهرين آمريڪا، برطانيه ، انڊيا ۽ افغانستان جي طرفان اهو چيو ويندو هو ته پاڪستان کي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، هاڻي جڏهن دهشت گردن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته انهن ملڪن کي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.انهن فرمايو ته آمريڪا ۽ سوويت يونين جي سرد جنگ جي دوران پاڪستان آمريڪا ۽ اولھ وارن ملڪن جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ انهن ملڪن ۾ ته سڪون آهي جڏهن ته پاڪستان ان جو نتيجو اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي . انهن فرمايو ته افغانسان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ، افغاني اسان جا ڀائر آهن ۽ مان افغان صدر حامد ڪرزئي کي به چوان ٿو ته اهي هڪ سٺي پاڙيسري هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏين ڇو ته اها دهشت گردي افغانستان جي لاءِ به ٺيڪ نه آهي. انهن مذهبي انتها پسندي جي باري ۾ فرمايو ته ڏاڍ دين جي تعليمات جي خلاف آهي . قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ته لااڪراھ في الدين. يعني دين ۾ ڪوئي به ڏاڍ نه آهي. اهڙي طرح مذهبي رواداري جي باري ۾ الله تعالٰي فرمايو ته لڪم دينڪم ولي الدين،يعني منهنجو دين مون وٽ ۽ توهان جو دين توهان وٽ. جيڪڏهن پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهو چوي ته پاڪستان صرف مسلمانن جي لاءِ آهي ۽ هتان تمام غير مسلمن کي ڪڍيو وڃي  ته اها سوچ اسلام جي تعليمات جي خلاف آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن انهي سوچ جي تحت سڀاڻي سڀئي اولھ وارا ملڪ اهو قانون بڻائين ته اتي غير مسلمن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به رهڻ جي اجازت نه آهي ته ڇا اهي غلط هوندا؟ پي پي او جي باري ۾ انهن فرمايو ته پي پي او هڪ ڪارو قانون آهي ۽ مان ذاتي طور تي ان جو مخالف آهيان. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪَوڙو ڍڪ پيئڻو پوي ٿو ، اسان ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي وڏي مقصد جي لاءِ نه چاهيندي به ان جي حمايت ڪئي آهي ، ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن جي ختم ٿيندي ئي ان قانون کي ختم ڪري چڏڻ گهرجي . انهن فرمايو ته اسان امن و استحڪام چاهيون ٿا اها ئي وجه آهي ته پنهنجن ڪارڪنن ۽ ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي وحشياڻي قتل تي به اسان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪري پرامن يوم سوگ ملهايو ۽ ڪاروباري حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو ڪاروبار جاري رکن. ان جي ڪري جو اسان نه ٿا چاهيون ته فوج جيڪا آپريشن ڪري رهي آهي اهو اسان جي ڪنهن وڏي احتجاج جي ڪري متاثر ٿئي.اسان ته پنهنجن ساٿين جا جنازا کڻي ڪري به فوج جو ساٿ ڏيئي رهيا آهيون ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مان ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي به اها ئي درخواست ڪندس ته اهي حڪومت جي خلاف پنهنجو احتجاج ضرور ڪن پر هن وقت فوج آپريشن ڪري رهي آهي ان جي ڪري اهڙو ڪوئي به عمل نه ڪيو وڃي جنهن سان اهو آپريشن متاثر ٿئي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي فلاسفي رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم آهي ۽ ماڻهو ان ڳالھ کي سمجهي رهيا آهن. تمام زبانون ڳالهائڻ وارا يم ڪيو ايم جي ويجهو اچي رهيا آهن. پختونن ۽ ٻين قومن وانگر سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا به ايم ڪيو ايم ۾ تيزي سان شامل ٿي رهيا آهن ۽ اڄ سنڌ جو ڪوئي ڳوٺ اهڙو نه آهي جتي ايم ڪيو ايم جو يونٽ ۽ ڪارڪنَ نه هجن. انهن فرمايو ته انقلاب ملڪ جو مقدر بڻجي چڪو آهي هاڻي وڏن وڏن جاگيردارن ۽ وڏيرن جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ غريبن جي حڪمراني جو وقت اچڻ وارو آهي.منهنجي دعا آهي ته انقلاب منهنجي زندگي ۾ ئي اچي وڃي. مون کي پنهنجي لاءِ ڪجھ نه گهرجي مون کي صدر يا وزير اعظم ٿيڻو نه آهي مان عوام کي ان جا  حق ڏيارڻ چاهيان ٿو. مان ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو، ڪرپشن ۽ لٽ مار جو خاتمو ۽ عام ماڻهو کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جيڪو به اڳتي وڌنڌو مان ان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته انقلاب حقيقي هجي ته اهو هڪ اداري تائين محدود نه ٿو رهي بلڪه ملڪ جي هر اداري ۾ تبديلي آڻي ٿو ۽ ان جي صفائي ڪري ٿو . انهن فرمايو ته هن ملڪ ۾ به هر اداري ۾ صفائي ۽ تبديلي جي ضرورت آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ملڪ ۾ انقلاب آيو ته هر اداري ۾ صفائي ٿيندي.


5/16/2024 10:51:08 PM