Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان جي آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ٻه ٽرڪ روانا ڪيا ويا.


 Posted on: 7/4/2014 1

خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان جي آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ٻه ٽرڪ روانا ڪيا ويا.
ڪراچي؛ 4 جولائي2014
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙ آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين اٽو، چانور، سڪل کير، کنڊ، چانهن جي پتي، گيھ ۽ ٻين شين تي مشتمل وڌيڪ ٻه ٽرڪ امدادي سامان جا روانا ڪيا ويا.ڪي ڪي ايف جي مرڪز کان ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪهف الورٰي، عادل خان ۽ ٻين اهو امدادي سامان روانا ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين پيش ڪندي انهن کي جناب الطاف حسين جو پيغام به پهچايو، انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.ان جي ڪري اسان جو فرض آهي ته اسان جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندي مشڪلاتن ۾ ڦاتل پنهنجي هم وطنن جي وڌي چڙهي ڪري مدد ڪريون.


5/16/2024 9:16:57 PM