Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري پاڪستاني قوم ۽ هٿيار بند فوج هڪ صفحي تي آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 7/6/2014 1

 
دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري پاڪستاني قوم ۽ هٿيار بند فوج هڪ صفحي تي آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڀني کان پهرين ملڪ کان دهشت گردن جي صفائي ٿيندي ان کان پوءِ قانون جي مطابق جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي احتساب جو مرحلو شروع ٿيندو.
پنهنجي پنهنجي منشور ۽ نظرين جي تبليغ ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي ڪلاشنڪوف ، ڏنڍا بردار ۽ تلوارن جي ذريعي پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت يا نظريو ٻين تي مسلط ڪرڻ جي هرگز به ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
جناح پارڪ ڪراچي ۾ هٿيار بند فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ٿيندڙ تاريخي جلسي جي لکين شرڪاء کي ويڊيو لنڪ تي خطاب.
لنڊن؛ 6 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري پاڪستاني قوم ۽ هٿيار بند فوج هڪ صفحي تي آهن، سڀني کان پهرين ملڪ کان دهشت گردن جي صفائي ٿيندي ان کان پوءِ جاگيردارن،وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کان پچاڻو ڪيو ويندو ۽ قانون جي مطابق انهن جي احتساب جو مرحلو شروع ٿيندو. پنهنجي پنهنجي منشور ۽ نظرين جي تبليغ ڪرڻ سڀني جو
حق آهي پر ڪنهن کي ڪلاشنڪوف ، ڏنڍا بردار ۽ تلوارن جي ذريعي پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت يا نظريو ٻين تي مسلط ڪرڻ جي هرگز به ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. اها ڳالھ انهن جناح پارڪ ڪراچي ۾ هٿيار بند فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ٿيندڙ تاريخي جلسي جي لکين شرڪاء سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي.رمضان شريف جي مهيني ۽ تيز اُس جي باوجود ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي ان جلسي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مثالي نظم و ضبط جو مظاهرو ڪيو ويو. جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کان علاوه پاڪستان جي مختلف سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن ، چونڊيل نمائندن،سماجي، ادبي ۽ ڪاروباري شخصيتن ۽ ليکڪن، رانڌيگرن، فنڪارن، مذهبي شخصيتن ۽ مختلف مذهبن جي نمائندن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي خوش آمديد چيو. انهن جلسي جي شرڪاء کي رمضان شريف جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اهو جلسو پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جو عظيم الشان ۽ تاريخي مظاهرو آهي ۽ تمام پري تائين ماڻهن جو اٿليل سمنڊ نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان جي فوج ان تاريخي جلسي جي ڪاميابي جي سڀني کان وڏي حقدار آهي.اڄ فوج جو هڪ هڪ فوجي آفيسر، ڪورڪمانڊر ۽ جوان پنهنجين اکين سان ڏسي وٺي ته پورو پاڪستان ان سان محبت ڪري ٿو. اهو جلسو دهشت گردي جي خاتمي جي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ وارن فوجي جرنلن کان وٺي ڪري هڪ هڪ فوجي کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ جيڪي فوجي اڄ تائين دهشت گردن جي خلاف وڏي بهادري سان جنگ ڪري رهيا آهن انهن کي سلام تحسين پيش ڪري ٿو. انهن فرمايو ته مان فوج کي يقين ڏياريان ٿو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان سان گڏ آهي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين پنهنجي ڪرسي تان اٿي  ڪري فوج کي سلوٽ  پيش ڪيو جنهن جي تقليد ڪندي جلسي جي لکين شرڪاءبه پنهنجين سيٽن تان اٿي بيهي ڪري پاڪ فوج کي سلوٽ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن هڪ ڀيرو ٻيهر
مثالي نظم و ضبط جو مظاهرو ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي هڪ ٻه ٽي چوڻ تي لکن ماڻهن جي پنڊال ۾ گهري خاموشي چائنجي وئي .انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي تباھ ڪرڻ مقصد هجي ته ان ملڪ ۾ رهڻ وارن کي لساني، ثقافتي،علاقائي ، صوبائي، فقهي طور تي انهن کي ورهايو وڃي ۽ مذهب جي بنياد تي انهن ۾ نفرت جا ٻڄ پوکيا وڃن  پوءِ ان ملڪ تي ڪنهن ٻئي جي حملي ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي.ان سازش جي تحت پاڪستان دشمنن ملڪ ۾ فرقي واريت جي بنياد تي ٻڄ پوکيا ته جيئن پاڪستان جي عوام کي فرقي واريت جي بنياد تي ورهائي چڏجي ۽ پاڪستان کي ڪمزور ٿي وڃي.انهن فرمايو ته ملڪ ۾ موجود مذهبي جماعتون پنهنجي منشور جي مطابق تبليغ ڪن ٿيون ۽ اهو سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي ڪلاشنڪوف ، ڏنڍا بردار ۽ تلوارن جي ذريعي پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت يا نظريو ٻين تي مسلط ڪرڻ جي هرگز به ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.انهن فرمايو ته دهشت گردي جي خلاف اڄ پوري قوم ۽ فوج هڪ صفحي تي آهن. سڀني کان پهرين ملڪ کان دهشت گردن جو صفايو ٿيندو ان کان پوءِ جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کان پچاڻو ڪيو ويندو ۽ قانون جي مطابق انهن جي احتساب جو مرحلو شروع ٿيندو.ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ايماندار ماڻهن جي حڪومت ايندي. جتي رشوت ۽ ڪميشن وٺڻ ۽ سرڪاري بينڪن کان اربين روپين جا قرضَ وٺي ڪري معاف ڪرائڻ واقعي حرام قرار ڏنو ويندو.انهن وڌيڪ فرمايو ته جن ماڻهن قومي دولت لٽي ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن اماڻي آهي، ڪوشش ڪئي ويندي ته بين الاقوامي قانونن جي مطابق ان کي موٽائي ڪري واپس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ فيصلو ڪرڻو پوندو ته قومي دولت لٽڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته قومي دولت لٽڻ وارن کي انهن جي گهر وارن سميت انهن جي پائڻ جي لٽن ۽ ٻارڙن جي کير سان سميت چارٽر جهاز ۾ ويهاري ڪري ان ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي جتي انهن ماڻهن پنهنجون جاگيرون بڻائي رکيون آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي جاگيرن کي قبضي ۾ وٺي ڪري اتي ڪاليج، اسڪول، اسپتال ۽ عورتن جا تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويندا.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي اقتدار مليو ته اسان ملڪ کان ٻٺي تعليمي معيار جو خاتمو ڪنداسين، ملڪ ۾ يا ته گرامر اسڪول نه هوندا يا تمام سرڪاري اسڪولن جو معيار گرامر اسڪولن جي برابر آڻينداسين ته جيئن امير ۽ غريب سڀني جي ٻارن کي تعليم جا هڪ جهڙا موقعا ملي سگهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ حقيقي جمهوري نظام چاهي ٿي . اهڙي جمهوريت جنهن جي تعريف اها آهي ته عوام جي حڪومت، عوام جي لاءِ ۽ عوام مان هجي پر پاڪستان ۾ بدقسمتي سان اهڙو نه آهي.هتي جمهوريت جي نالي تي جاگيردارن جي حڪومت ، جاگيردارن جي لاءِ ۽ جاگيردارن مان هوندي آهي.ايم ڪيو ايم ان ظالماڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ تمام شهرين جي لاءِ انصاف جو اهڙو نظام چاهي ٿي جتي صرف امير ئي عدالت جو در کڙڪائي نه سگهي بلڪه غريب کي به انصاف ملي سگهي.اهو ڪهڙو انصاف جو نظام آهي جو هڪ وزير اعظم کي عدالت طلب ڪري برطرف ڪيو وڃي پر ٻئي جي خلاف ڪيترائي مقدما ڇو نه هجن ان جي خلاف ڪجھ به نه ٿئي. مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ۾ جڏهن ماڻهن جا نالا سامهون آيا  ته چيو ويو ته اهي سڀ شريف آهن. انهن جي خلاف ڪوئي به ايڪشن نه ورتو ويندو.اهو ڪٿان جو انصاف آهي، ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجھ ڪارو ئي نه پر پوري دال ئي ڪاري آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هر قسم جي دهشت گردي جي خلاف آهي ، ايم ڪيو ايم اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ چاهي ٿي جتي زندگي جي تمام شعبن ۾ ماڻهن کي رنگ و نسل، زبان، جنس، فقه ۽ مسلڪ  جي فرق کان بالا تر ٿي ڪري سڀني کي برابري جي سطح تي حق ميسر اچن، مسلمان ، هندو ، سک ، عيسائي، يهودي، احمدي يا ڪنهن به مذهب جي مڃڻ وارا هجن سڀني کي آزادي سان جيئڻ جو حق هجي. پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هجي. ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ آئي ته ڪارو ڪاري، وني جهڙين ظالماڻه رسمن ۽ غيرت جي نالي تي قتل جو سلسلو بند ٿيندو. اسان اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن کي پوري دنيا نيشنل انٽي گريٽڊ سوسائٽي چوي ٿي. جناب الطاف حسين سابق صدر جنرل پرويز مشرف جي خلاف مقدمي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پرويز مشرف جي خلاف آرٽيڪل 6 جي معاملي تي قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. آرٽيڪل 6 کي ان جي شق اي بي ۽ سي سان گڏ ڏسڻ گهرجي.جيڪڏهن ڪوئي پرويز مشرف کي ڦاهي ڏيڻ چاهي ٿو ته ضرور ڏيئي پر اهو به خيال رکيو وڃي ته ان وقت پرويز مشرف جهاز ۾ هو زمين تي جن وزير اعظم کي گرفتار ڪيو ۽ اقتدار تي قبضو ڪيو هو اهي سڀ ان ڏوھ ۾ مدد ڪرڻ جا مرتڪب آهن.جيڪڏهن پرويز مشرف تي مقدمو هلائڻو آهي  ته پوءِ انهن جي ويجھو سابق آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي به نظر بند ڪيو وڃي  اهڙي طرح آرٽيڪل 6 جي خلاف ورزي جي ڏوھ ۾ مدد ڪرڻ وارن ٻين جي لاءِ به مڪافات عمل جي تحت  هڪ ڳوٺ قائم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته هاڻي ملڪ ۾ اها ڌانڌلي نه هلندي. موجوده آرمي چيف ، فوجي جرنل، آفيسرَ ۽ جوان اها بهادرن جي ٽيم آهي جن پنهنجين جانين کي ٿري تي رکي ڪري اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف آپريشن شروع ڪري رکيو آهي  جنهن تي مان پوري فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو، انهن فرقي واريت جو تذڪرو ڪندي فرمايو ته عوام جي وچ ۾ فرقي وارانه منافرت ۽ شيعه و سني جي جهيڙن جي خاتمي جي لاءِ مان 35 سال کپايا آهن ۽ گهٽي گهٽي وڃي ڪري انهن جهيڙن کي ختم ڪرايو.اڄ وري شيعه ۽ سني جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اڄ اوهان هٿ مٿي ڪري اهو واعدو ڪريو ته اوهان ڪنهن کي به نقصان نه پهچائيندو ، اوهان شيعه هجو يا سني هجو اوهان هڪ ٻئي جا دشمن نه بلڪه هڪ ٻئي جا محافظ آهيو.انهن اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري اتان لڏپلاڻ ڪرڻ وارن سان همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته اتان جا معصوم ماڻهو طالبان جي هٿان يرغمال بڻيل هئا ۽ اهي انهن جي ڪري ئي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن فرمايو ته تمام پاڪستانين کي گهرجي ته اهي آئي ڊي پيز جي لاءِ دل کولي عطيات ڏين. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ ڪوشان آهي هن مهل تائين ڪيترائي ٽرڪ امدادي سامان جا جمع ڪري فوج جي حوالي ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ به جمع ڪيا پيا وڃن. انهن جلسي ۾ ڀرپور تعاون ڪرڻ تي گورنر سنڌ، حڪومت سنڌ، پوليس ، رينجر ۽ لاانفورسمينٽ ايجنسيز جو به خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو.انهن جلسي جا شاندار انتظام ڪرڻ تي تمام يونٽن، سيڪٽرن، زونن ۽ تمام تنظيمي شعبن جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.انهن جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ٻاهرين ملڪن کان اچڻ وارن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن جلسي جي تمام شرڪاء جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اوهان سڀني جي مشڪلاتن کي حل فرمائي، جائز مرادن کي پورو ڪري، ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن کي بازياب ڪرائي ۽ شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.انهن جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي پي ايم ايل ن جي سينيئر رهنما الٰهي بخش سومرو، بزرگ سياستدان معراج محمد خان، شيخ رشيد احمد، احمد رضا قصوري ۽ ٻين سياسي رهنمائن ، سينيئر صحافين، اقليتي رهنمائن ۽ ٻين تمام ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو.



5/16/2024 9:16:57 PM