جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي مختلف سياسي جماعتن جي رهنمائن سان ملاقاتون ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 4 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي،شاهواڻي قبيلي جي سردار صوبائي وزير نواب محمد خان شاهواڻي ، ميمبر صوبائي اسيمبلي بلوچستان ۽ رند قبيلي جي رهنما عامر رند، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي وائيس چيئرمين آغا حسن رضا ۽ پشتونخواھ ملي عوامي پارٽي جي صوبائي صدر عثمان ڪاڪڙ سان ملاقات ڪري انهن کي 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو. ملاقات جي موقعي تي انهن رهنمائن انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعا به ڪئي.