Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هٿيار بند فوج دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي نه آهي بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ان سان گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 7/5/2014 1

هٿيار بند فوج دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي نه آهي بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ان سان گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان جلسي تي پوري دنيا جون نظرون لڳل آهن ته ايم ڪيو ايم ان جلسي جي ذريعي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي.
جناح پارڪ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش.
جلسي گاھ ۾ ڪم ۾ مصروف ڪارڪنن کي خطاب.
ڪراچي؛ 5 جولائي 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هٿيار بند فوج دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي نه آهي بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ان سان گڏ آهي ۽ قوم جي امڙين، ڀينرن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارڙن جون دعائون ان سان گڏ آهن.انهن اها ڳالھ ڇنڇر جي رات ڪراچي جي جناح پارڪ ۾ آچر تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته اسان ڪالھ بروز آچر تي جناح پارڪ ۾ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تاريخي جلسو ان جي ڪري منقعد ڪري رهيا آهيون ته جيئن پاڪ فوج کي يقين ڏياري سگهون ته هڪ هڪ محب وطن پاڪستاني ڀلي ان جي زبان ، قوميت ،ثقافت، صوبو ، علائقو ، مسلڪ يا مذهب ڪهڙو به هجي اهو فوج جي
2
انهن بهادر جوانن سان گڏ آهي جيڪي دهشت گردن جي خلاف جرت ۽ بهادري سان جنگ ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏيئي رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان جلسي تي پوري دنيا جون نظرون لڳل آهن ته ايم ڪيو ايم ان جلسي جي ذريعي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي. انهن فرمايو ته لکين ماڻهو ان جلسي ۾ شريڪ ٿي ڪري پوري دنيا کي اهو پيغام ڏيندا ته پاڪستاني قوم امن پسند آهي،اها اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ بندوق ،گولي ، ڌماڪن ۽ خودڪش حملن جو سهارو وٺي ڪري پنهنجا نظريا يا هٿ ٺوڪيل شريعت ڏاڍ جي ذريعي ڪنهن تي به مسلط ڪرڻ تي يقين نه ٿي رکي.انهن فرمايو ته اسان قائد اعظم جي مزار تي باني پاڪستان جي روح سان اهو واعدو ڪنداسين ته اسان قيام پاڪستان جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن جون قربانيون ڪنهن به قيمت تي رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پاڪستان ۾ امن ۽ انصاف جو نظام قائم ڪنداسين ، تعليم کي عام ڪنداسين ۽ ملڪ کان ڪرپٽ ماڻهن ۽ چورن جو خاتمو ڪنداسين.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪالھ صرف پاڪستان جي سرزمين ئي نه بلڪه هوائون به پاڪ فوج سان يڪجهتي جو مظاهرو ڏسنديون ۽ دنيا ڏسي وٺندي ته ڪوئي ڪهڙي به زبان ، علائقي ، فقه، مسلڪ ، مذهب يا قوم سان تعلق رکندڙ هجي ،ڪوئي به پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو دشمن نه آهي بلڪه سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري رهڻ چاهين ٿا. انهن جلسي جي تيارين ۾ بک ۽ اڃ ۾ ڏينهن رات مصروف رهڻ وارن ڪارڪنن کي انهن جي  وڏي محنت سان ڪم ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن جلسي جي تيارين جي هر هڪ لمحي جي رپورٽنگ ڪرڻ ۽ عوام کي ان کان آگاھ رکڻ تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو به خصوصي شڪريو ادا ڪيو. انهن فرمايو ته اهو رمضان شريف جو مهينو آهي ان جي ڪري ماڻهو وقت جي پابندي جو خاص خيال رکن ۽ جلسي گاھ ۾ جتي به جڳھ ملي اتي ويهي رهن ڇو ته ان جلسي ۾ وڏيون اهم ڳالهيون ٿينديون. انهن جلسي جي انعقاد جي سلسلي ۾مالي تعاون ڪرڻ تي مخير حضرات جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي طاقت جي مطابق وڌ کان وڌ عطيات ڏين ۽ عطيات ڏيندي وقت ان جي رسيد ضرور حاصل ڪن . انهن فرمايو ته جيڪو به ايم ڪيو ايم جي نالي تي بغير رسيد جي چندو وٺندي پڪڙيو ويو ته ان کي پوليس جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اهو ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن نڪتو ته ان کي تحريڪ کان خارج ڪيو ويندو.


5/16/2024 9:42:02 PM