Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان نشر ٿيندڙ پيغام


 Posted on: 7/3/2014 1
دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان نشر ٿيندڙ پيغام.
فوجي آپريشن ضرب عضب ۾ پوري قوم پاڪستان جي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
الله تعالٰي پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ ۾ پاڪ فوج کي ڪاميابي عطا فرمائي.آمين.
ضرب عضب زنده باد...پاڪستان پائنده باد.جناب الطاف حسين نعرا به هنيا.
لنڊن؛3 جولائي 2014
                      متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي آپريشن ضرب عضب ۾ پوري قوم پاڪستان جي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي.انهن زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي جي خلاف مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي حوصلن کي وڌائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 6 جولائي بروز آچر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ يڪجهتي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن ضرب عضب جي حمايت ۾ پنهنجي هڪ نشري بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ان ڳالھ کان چڱي نموني واقف آهن ته پاڪستان جي فوج دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب نالي فوجي آپريشن شروع ڪيو آهي. فوجي آپريشن ۾ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان َ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، ملڪ دشمن دهشت گرد جديد ترين هٿيارن سان ليس آهن ۽ اسان جي فوج وڏي بهادري سان انهن  کي هر محاذ تي بري طرح سان شڪست ڏيئي رهي آهي. انهن فرمايو ته اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي پاڪ فوج کي ڪنهن انعام جي نه بلڪه فوجي آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ قوم جي دعائن جي گهرج آهي ۽ ان ڳالھ جي به گهرج آهي ته دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ هڪ هڪ فوجي جوان تائين اهو پيغام پهچايو وڃي ته قوم جو هڪ هڪ ٻچو، امڙ،ڀيڻ، نياڻي فوجي آپريشن ضرب عضب ۾ فوج سان گڏ آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم 6 جولائي تي ڪراچي ۾ هڪ وڏي جلسي جو انعقاد ڪري رهي آهي.انهن زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جي فوج جو ساٿ ڏيڻ ۽ انهن جي حوصلن کي وڌائڻ جي لاءِ يڪجهتي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پوري دنيا تي اهو واضع ڪري چڏين ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ ۾ پاڪ فوج کي ڪاميابي عطا فرمائي. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ جناب الطاف حسين ضرب عضب زنده آباد....پاڪستان پائنده آباد جا نعرا به لڳايا.


5/16/2024 8:01:34 PM