Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رمضان شريف ۾ بم ڌماڪو ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري ٿو ته دهشت گردن جو دين و مذهب سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 7/4/2014 1

رمضان شريف ۾ بم ڌماڪو ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري ٿو ته دهشت گردن جو دين و مذهب سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
دهشت گردي پاڪستان کي چئني طرفن کان جڪڙي ورتو آهي اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن جي رد عمل کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خصوصي انتظامَ ڪيا وڃن رابطا ڪميٽي جو مطالبو.
ڪراچي؛ 4 جولائي2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پارڪنگ پلازه جي ويجهو مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ جمعي جي بابرڪت ڏينهن بم ڌماڪو ان ڳالھ جي واضع نشاندهي ڪري ٿو ته دهشت گردن جو انسانيت ۽ مذهب سان ڪوئي به واسطو نه آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردي پاڪستان کي چئني طرفن کان جڪڙي ورتو آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف هڪ فيصله ڪن جنگ ۾ مصروف آهي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن جي رد عمل کان شهرين کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا وڃن. رابطا ڪميٽي بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحت يابي لاءِ دعا به فرمائي. رابطا ڪميٽي وفاقي وزير داخله چوڌري نثار ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جا فوري قدمَ کنيا وڃن.
*****

5/16/2024 8:42:32 PM