رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عادل خان آغا خان اسپتال ۾ زير علاج سيد سردار احمد جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
ڪراچي؛ 3 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عادل خان آغا خان اسپتال ۾ زير علاج سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد جي عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي سيدسردار احمد جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.