Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج ۽ عوام دهشت گردن جي اڳيان ڪنهن به قيمت تي سر نه جهڪائيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 7/4/2014 1

پاڪ فوج ۽ عوام دهشت گردن جي اڳيان ڪنهن به قيمت تي سر نه جهڪائيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عوام پنهنجن علائقن ۾ هوشيار رهن ۽ مشڪوڪ ماڻهن يا شين جي باري ۾ فوري طور تي مقامي انتظاميه کي اطلاع ڏين.
ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 4 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو آهي ته پاڪستان جي فوج ۽ پاڪستان سان سچي محبت ڪرڻ وارا ماڻهو، وحشي دهشت گردن ۽ انهن جي دهشت گردين جي اڳيان ڪنهن به قيمت تي سر نه جهڪائيندا.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ بم ڌماڪا ڪرڻ ۽ بي گناھ شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ وارن دهشت گردن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهن جا اهي بزدلاڻه حملا ، پاڪ فوج ۽ عوام جا حوصلا ڪمزور ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه ئي دهشت گردي جي خاتمي جي جدوجهد کان باز رکي سگهن ٿا. پاڪ فوج ۽ محب وطن عوام ان وقت تائين سڪون سان نه ويهندا جيستايئن هن پاڪ ڌرتي تان هڪ هڪ دهشت گرد جو خاتمو ٿي نه ٿو وڃي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ هوشيار رهن. پنهنجن گهرن، پاڙن، بازارن يا نوڪرين ڪنهن به جڳھ تي هجن هر اچڻ وڃڻ واري تي ڪڙي نظر رکن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهو يا شي جي باري ۾ مقامي انتظاميه کي فوري طور تي اطلاع ڏين. انهن سنڌ حڪومت، رينجر، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ذميوارن کي پرزور اپيل ڪئي ته بي گناھ شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ وارن دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس ۽ مثبت قدمَ کنيا وڃن. انهن دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ واري فوج، رينجر، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سلام عقيدت پيش ڪيو ۽ دهشت گردي سان مقابلو ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي انهن جي همت ۽ جرت تي سلام تحسين به پيش ڪيو. انهن ڪراچي ۾ دهشت گردي جو نشانو بڻجڻ وارن ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي

5/16/2024 8:13:01 PM