Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هميشه علم و ادب ۽ علم دوستي کي فروغ ڏنو آهي ۽ ڪاپي ڏانهن لاڙي ۽ ڪاپي مافيا کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن. رابطا ڪميٽي ميمبرامين الحق.


 Posted on: 7/3/2014 1
ايم ڪيو ايم هميشه علم و ادب ۽ علم دوستي کي فروغ ڏنو آهي ۽ ڪاپي ڏانهن لاڙي ۽ ڪاپي مافيا کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن. رابطا ڪميٽي ميمبرامين الحق.
انهن ڪتاب ميلي ۾ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود ڪتابن جو غور سان جائزو به ورتو.
ڪراچي؛ 3 جولائي 2014
             بزم فروغ ادب و فن ۽ فريد پبليشر جي زير اهتمام 28 هين سالانه ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر امين الحق شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب ميلي ۾ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري اعجاز فاروقي، معروف شاعر ۽ مصنف انور شعور، سرور جاويد، عالم دين علامه آغاحسين مسعود ۽ ٻيا معزز به وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا. افتتاحي تقريب سان اظهار خيال ڪندي سيد امين الحق چيو ته علم و ادب جي خدمت ڪرڻ عين عبادت آهي ۽ اهو ئي جناب الطاف حسين جو فڪر و فلسفو آهي. جناب الطاف حسين جو تحريڪ جي ابتدا کان ئي اهو درس رهيو آهي ته اهي بهتر ۽ اعلٰي تعليم حاصل ڪن ته جيئن ملڪ و قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه علم و ادب ۽ علم دوستي کي فروغ ڏنو آهي ۽ ڪاپي ڏانهن لاڙي ۽ ڪاپي مافيا کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪري رهي آهي اوهان سڀني دوستن کي اپيل آهي ته ان جلسي ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج جا هٿ مظبوط ڪريو.

5/16/2024 9:57:36 PM