Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 8 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جي مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 12 Jul 2014
معصوم ۽ بي گناھ فلسطيني عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ عوام جو قتل عام بند ڪرايو . ايم ڪيو ايم جي قائدجناب الطاف حسين جو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل هان ڪي مون جي نالي ايس او ايس خط.


           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي نالي هڪ ايس او ايس خط لکيو آهي جنهن ۾ انهن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي معصوم ۽ بي گناھ فلسطيني عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ عوام جو قتل عام بند ڪرائين ۽ بين الاقوامي اصولن جي تحت اسرائيل کي پابند ڪن ته اهي هوائي جهازن، ٽينڪن
Read More    Posted on: 12 Jul 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني کي هڪ ايس او ايس پيغام پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ۽ ٽي سي ايس جي ذريعي موڪليو آهي.

محترم ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني.

   ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي.

    محترم جنرل صاحب السلام عليڪم.

       منهنجي گذريل ڏينهن اوهان سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي هئي جنهن کي اڃان 8 ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته رينجر جي اعلٰي آفيسرن نيو ڪراچي يونٽ نمبر 140_اي ۾ ايم ڪيو ايم جي يونٽ انچارج حيدر بيگ جي گهر تي صبح سحري جي وقت تقريبن 3 وڳي چاپو هنيو، چاپي ۾ 5 موبائلون ۽ 5 موٽر سائيڪلون هيون. جن ۾ رينجر جا اهلڪار سوار هئا جن چاپي جي دوران گهر جي تلاشي ورتي ۽ حيدر بيگ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن جي موٽرسائيڪل به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. گرفتاري جي فوري اطلاع حق پرست صوبائي اسيمبلي ميمبر خواجه اظهار الحسن ۽ لاڳاپيل ميمبر قومي اسيمبلي عبدالوسيم کي ڏني وئي. ٻئي چونڊيل نمائندا حيدر بيگ جي گهر پهتا، چاپي ۽ گرفتاري جون تفصيلات معلوم ڪيون ۽ اتي اهي نيو ڪراچي سيڪٽر ايف _11 ۾ واقع رينجر جي مقامي آفيس پهتا
Read More    Posted on: 12 Jul 2014
ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي شڪايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽنٽ جنرل سجاد غني جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. جنهن ۾ ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي شڪايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. 
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
سڄي ملڪ جا تمام ايڊيٽر صاحبان!
       ڪراچي ۾ جاري موجوده آپريشن ۾ رينجر جي هٿان لساني بنيادن تي اردو ڳالهائڻ وارن معصوم ڪارڪنن کي بغير ڪنهن  جواز جي قتل ڪرڻ، اغوا ڪرڻ، تشدد ڪرڻ، ماورائي عدالت قتل ڪرڻ ۽ لڳاتار گرفتاريون ٿي رهيون آهن. ان جي باري ۾ مان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف صاحب جي نالي هڪ کليل خط لکي رهيو آهيان.
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
سنڌ ۾ 184 فائرٽينڊرز جي خريداري ۾ بي ضابطگي جي سبب 3.68 ارب روپين جي خساري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي صوبي سنڌ ۾ 184 فائرٽينڊرز جي خريداري جي مد ۾ 6 ارب روپين جي ٽينڊرن ۾ اداري جي طرفان انتظامي بي ضابطگين جي سبب 3.68 ارب روپين جي خساري تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي چيئرمين سهيل سرفراز جي طرفان سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين حڪومتي ادارن جي عهديدارن جي نالي خط لکڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان جي آئي ڊي پيز جي لاءِ منرل واٽر جي بوتلن جو ٽرڪ روانا.

             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ڪي ڪي ايف جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙ هم وطنن جي امداد جو سلسلو جاري آهي. 
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.

             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي 
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي تمام چيپٽرن ٽورنٽو، ڪيلگري ، مونٽريال، ونڊسرا ۽ ايڊمنٽن ۾ عظيم الشان محفل نعت ۽ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو. ڪينيڊين ۽ پاڪستاني شخصيتن سميت عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت
            ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو، ڪيلگري، مونٽريال ، ونڊسرا ۽ ايڊمنٽن ۾ عظيم الشان محفل نعت ۽ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.جنهن ۾ سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي ، جوائنٽ آرگنائيزر مسعود حسن،سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن، تمام شعبن جي ذميوارن، چيپٽر انچارجن ۽ ڪارڪنن سميت پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
اٽي جي قيمتن ۾ اضافي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ناجائز نفعو ڪمائيندڙن جي طرفان اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ عوام جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو قرار ڏنو آهي
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جو جلسو ڪري ثابت ڪري چڏيو آهي ته پوري قوم ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي. ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سهيل خانزاده.
          ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش ۽ جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده چيو آهي ته پاڪستان انتها پسند دهشت گردن جي دهشت گردي جي ڪري انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري نه صرف فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصله افزائي ڪئي آهي
Read More    Posted on: 11 Jul 2014
وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو اعلان تمام سٺي ڳالھ آهي. ايم ڪيو ايم.
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي اعلان جو خيرمقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جو مسئلو اهو ئي آهي ته هر دور ۾ ڪراچي کي نظر انداز ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 10 Jul 2014
متحده قومي موومينٽ جي پارليماني وفد جي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گورنر هائوس ۾ ملاقات.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سينيٽر بابر غوري تي مشتمل ايم ڪيو ايم جي ٽي رڪني وفد خميس جي ڏينهن وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 10 Jul 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جي والده محترمه جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.

          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي 
Read More    Posted on: 10 Jul 2014
ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي. صدر ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب عامر بلوچ.

          متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل پنجاب جي صدر عامر بلوچ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي 
Read More    Posted on: 10 Jul 2014