ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سابق وزير اعلٰي سنڌ ۽ سابق وفاقي وزير ڄام معشوق علي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 4 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي، اشفاق منگي، ڊاڪٽر صغير احمد، عادل صديقي ، سابق ميمبر قومي اسيمبلي وسيم اختر ۽ ٻين سابق وزير اعلٰي سنڌ لياقت جتوئي ۽ سابق وفاقي وزير ڄام معشوق علي سان انهن جي رهائشگاهن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪري انهن کي 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ملڪ دشمنن جي خلاف پاڪ فوج جنگ وڙهي رهي آهي ان جي ڪري اسان سڀني کي پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچڻ گهرجي.ان موقعي تي لياقت جتوئي ۽ ڄام معشوق علي رابطا ڪميٽي جي آمد تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي ڀرپور خاطري به ڪرائي.****