Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فوج سان جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ايم ڪيو ايم حب الوطني جو ثبوت ڏيئي چڏيو آهي. شيخ رشيد


 Posted on: 7/6/2014 1

 
فوج سان جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ايم ڪيو ايم حب الوطني جو ثبوت ڏيئي چڏيو آهي. شيخ رشيد.
دهشت گرد جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن ان جو خاتمو ٿئي.الٰهي بخش سومرو.
ايم ڪيو ايم جي وڏي جلسي سان دهشت گردن جا ارادا مٽي ۾ ملي ويندا. روبينه قائم خاني.
پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جي لاءِ منعقد ٿيندڙ تاريخي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي جناب الطاف حسين جا مشڪور آهيون.احمد رضا قصوري.
جناح پارڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي جلسي جي لکين شرڪاء کي معراج محمد خان، احسان شاھ، حليم عادل شيخ، ڪامران ٽيسوري، خرم نواز گنڊا پور، منگلا شرما ۽ جي سالڪ جو خطاب.
ڪراچي؛ 6 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جناح پارڪ ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسي کي خطاب ڪندي مختلف سياسي جماعتن جي رهنمائن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هڪ وڏي جلسي سان دهشت گردن جا ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا ۽ پاڪ فوج کي وڏو حوصلو ملندو.جلسي کي عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد، الٰهي بخش سومري، پيپلز پارٽي جي روبينه قائم خاني،احمد رضا قصوري، بزرگ سياستدان معراج محمد خان، بي اين پي جي احسان شاھ، حليم عادل شيخ، فنڪشنل مسلم ليگ رهنما ڪامران ٽيسوري، پاڪستان عوامي تحريڪ جي خرم نواز گنڊاپور، منگلا شرما ۽ جي سالڪ جلسي کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي شيخ رشيد خطاب ڪندي چيو ته جهڙي طرح اڄ پاڪ فوج سان ايم ڪيو ايم ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي اها عظيم قوم جي نشاني آهي . انهن چيو ته اڄ فوج سان گڏجي جيڪا جنگ ايم ڪيو ايم  وڙهي رهي آهي ان سان ايم ڪيو ايم پنهنجي حب الوطني جو حق ادا ڪري چڏيو آهي. انهن چيو ته اها رياست رياست نه هوندي آهي جنهن جو سرحدون غير محفوظ هجن، انهن چيو ته 7 کان 10 لک آئي ڊي پيز جو مسئلو وڏو نازڪ آهي ان کي سمجهڻ جي گهرج آهي . انهن چيو ته آئي ڊي پيز جو دل کٽڻ ضروري آهي نه ته اها جنگ کٽي ڪري به هاري وينداسين.انهن چيو ته عوام جي ان اٿليل سمنڊ تي مان ايم ڪيو ايم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.پاڪستان مسلم ليگ جي رهنما الٰهي بخش سومري چيو ته جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جلسي جو هڪ وڏو اهتمام ڪري هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، انهن چيو ته اسان جي دعا آهي ته دهشت گرد جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن ان جو خاتمو ٿئي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما روبينه قائم خاني چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو آهي جنهن سان دهشت گردن جا ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا. آل پاڪستان مسلم ليگ جي احمد رضا قصوري چيو ته پاڪ فوج سان يڪجهتي جي جلسي جي دعوت ڏيڻ تي مان جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.معروف دانشور ۽ سينيئر بزرگ رهنما معراج محمد خان چيو ته سياستدانن کي جيڪڏهن اها خبر نه آهي ته اڄ جي ترجيع ڪهڙي آهي ، سڀاڻي جي ترجيع ڪهڙي هوندي ته ڪجھ به ٿي نه ٿو سگهي.اڄ جي ترجيع اها آهي ته جيڪي وطن دشمن ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ ڪجھ ماڻهو انهن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي رهيا آهن،  پر اهي ڪهڙا ڀائر آهن جيڪي قتل وغارتگري ۽ ڏاڍ جو سهارو وٺي ڪري ملڪ ۾ افراتفري ڦيلائي رهيا آهن.انهن چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ جاري جنگ ۾ جناب الطاف حسين سڀني کان پهريون قدم کنيو آهي جنهن تي اهي خراج تحسين جا مستحق آهن.مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪامران ٽيسوري چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪ فوج جي حمايت ۾ جلسو منعقد ڪيو آهي ۽ ان ۾ سڀني جماعتن کي گهرايو آهي اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته تمام جماعتون پاڪ فوج سان گڏ بيٺيون آهن. مسلم ليگ ق جي حليم عادل شيخ چيو ته اڄ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جو پيغام هن جلسي جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي چڪو آهي ته پاڪستاني قوم هڪ آهي.جلسي کي ٻين رهنمائن به خطاب ڪيو.

 

5/16/2024 10:29:32 PM