جسٽس ناصر الملڪ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد.
اميد آهي ته جسٽس ناصر الملڪ ماضي جي ججن وانگر پاڻ کي متنازعه نه بڻائيندا.
اميد آهي ته چيف جسٽس ناصر الملڪ انصاف جي فراهمي ۽ عدليه جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 7 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جسٽس ناصر الملڪ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ انصاف جي فراهمي ۽ عدالت جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ ماضي جي ججن وانگر پاڻ کي متنازعه نه بڻائيندا. انهن وڌيڪ فرمايو ته چيف جسٽس ناصر الملڪ زندگي جي هر معاملي ۾ انصاف سان ڪم وٺندا ته مظلومن جي دادرسي ٿيندي ۽ انصاف جو بول بالا ٿيندو.