Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي وفد جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان ملاقات


 Posted on: 7/4/2014 1
ايم ڪيو ايم جي وفد جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان ملاقات.
وفد انهن کي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 4 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن تي مشتمل وفد سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾رابطا ڪميٽي ميمبر بابر غوري، ڊاڪٽر صغير احمد، عادل صديقي، گلفراز خان خٽڪ، معاون رابطا ڪميٽي وسيم اختر ۽ بلقيس مختيار به شامل هئي.وفد سابق صدر جنرل پرويز مشرف کي جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم جي تحت 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو. وفد پرويز مشرف سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان کي موجوده حالتن ۾ چئني طرفن کان بدترين سازشن جو سامنو آهي ۽ ملڪ جي فوج انهن سازشن جي خلاف وڏي بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهي آهي ان جي ڪري وقت جو تقاضا آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيهي. ملاقات جي موقعي تي جنرل پرويز مشرف ملڪ جي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ جناب الطاف حسين جي طرفان اٿاريل مثبت قدمن کي ساراهيو ۽ جلسي جي دعوت ڏيڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو ۽ جلسي ۾ شرڪت جي خاطري به ڪرائي.

 

5/16/2024 11:09:45 PM