Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ کي ضد ۽ انا جي ور چڙهايو پيو وڃي جنهن جي ذميواري ٻنهي ڌرين تي عائد ٿئي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/26/2014
ملڪ کي ضد ۽ انا جي ور چڙهايو پيو وڃي جنهن جي ذميواري ٻنهي ڌرين تي عائد ٿئي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اچڻ وارا ڏينهن تمام خراب نظر اچي رهيا آهن ، ايم ڪيو ايم ملڪ جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجيون 25 سيٽون ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهي.
17 جون 2014 جي سانحه ماڊل ٽائون ۾ ٻار،ٻارڙيون، حامله عورتون ۽ بزرگ شامل هئا جن کي صرف پنهنجي ضد جي نتيجي ۾ ماريو ويو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ملڪ جي موجوده صورتحال تي انتهائي اهم انٽرويو.
لنڊن؛ 26 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت ۽ احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي خدا جي واسطي پنهنجين نيتن کي صاف ڪن ۽ فقط اقتدار جي خاطر ملڪ کي داءُ تي نه لڳايو وڃي،مان پنهنجي سياسي مشاهدي ۽ علم جي روشني ۾ چئي رهيو آهيان ته اچڻ وارا ڏينهن تمام خراب نظر اچي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجيون 25 سيٽون ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهي پر خدا جي واسطي معصوم انسانن، ٻارن ۽ عورتن جو رت نه وهايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن رات جو دير سان پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي موجوده صورتحال صرف منهنجي لاءِ ئي نه بلڪه هر عقل واري جي سامهون آهي ، ملڪ کي ضد ۽ انا جي ور چڙهايو پيو وڃي، جنهن جي ذميواري ٻنهي ڌرين تي عائد ٿئي ٿي. ملڪ ۾ حڪومت کي اقتدار الله تعالٰي عطا ڪيو آهي ۽ فوج سميت تمام طاقت حڪومت جي هٿن ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ حڪومت کي پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي سامهون جهڪي ڪري رهڻ گهرجي.انهن سانحه ماڊل ٽائون جو ذڪر ڪندي فرمايو ته مظاهرين تي آنسو گيس،واٽر ڪينن يا لٺيون وسائڻ معمول جي ڳالھ هوندي آهي پر جيڪڏهن 17 جون تي عوام ڪا بدنظمي ڪري رهيا هئا ته سانحه ماڊل ٽائون ۾ ٻار، حامله عورتون، ڇوڪريون ۽ بزرگ به هئاجن کي صرف پنهنجي ضد جي ڪري ماريو ويو ۽ گلوبٽ کي سامهون آندو ويو، جڏهن ٽي وي رپورٽن جي ذريعي اها ڳالھ سامهون آئي ته گلو بٽ به رها ٿي ويو آهي جنهن مان هر شهري اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ قانون جو معيار سڀني جي لاءِ جي برابر آهي يا جدا جدا آهي.سانحه ماڊل ٽائون جي ايف آئي آر جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مان ميڊيا جي ڀائرن کي چوان ٿو ته اهي شهيدن جي ايف آئي آر  ڪٽرائڻ جي لاءِ ٿاڻي تي وڃن ته انهن کي ڪيترن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن فرمايو ته اڄ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن عورتون، ٻار ۽ بزرگ روڊن تي ويٺا آهن ۽ حڪومت جي طرفان انهن جي لاءِ ڪجھ ڏيڻ ۽ ڪجھ وٺڻ جي پاليسي جي تحت ڪوئي به حل نه ڪڍيو ويو آهي جيڪڏهن پاڪستان ۾ عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جا مطالبا نه مڃي سگهجن ته انهن سان ڳالھ ڪري سگهجي ٿي، حڪومت کي انهن مسئلن جي حل جي لاءِ ڪجھ ڏيڻ ۽ ڪجھ وٺڻ جي پاليسي اپڻائڻ گهرجي،انهن فرمايو ته طاهر القادري جي مطالبن کي عوام جي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي ۽ اهي عوام جا بنيادي مطالبا به آهن ته ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن جو نظام قائم ٿئي ۽ ملڪ جي تمام شهرين جي لاءِ قانون به برابر هجڻ گهرجي. جناب الطاف حسين ملڪ جي معاشي صورتحال تي روشني وجهندي فرمايو ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ کي 800 ارب روپين جو نقصان پهتو آهي،انهن فرمايو ته عوامي مفادن جي تحت حڪومت اقتدار کان الڳ ٿي سگهي ٿي ته اها الڳ ٿي وڃي ۽ آئنده اليڪشن ۾ ٻيهر حصو وٺي ڪري عوامي حمايت ڏيکارڻ گهرجي، يا پوءِ عوام پاڻ ئي آئنده حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي نظام جو ڀيٽاءُ ڪري اهو فيصلو ڪري وٺن ها ته ڪنهن جو نظام حڪومت بهتر آهي.انهن فرمايو ته دنيا ۾ ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان قسم جي حڪومتي روين جي نتيجي ۾ اتان جي مظلوم، محروم ۽ غريب عوام جون نظرون پنهنجي ملڪ جي سڀني کان وڏي اداري ڏانهن لڳي وڃن ٿيون ۽ اسان جي ملڪ جو سڀني کان طاقتور ادارو اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن سان مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گذريل پوين ڏينهن ۾ جيتريون قربانيون فوج ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ڏنيون آهن اهي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڏنيون ويون ان صورتحال ۾ اسان جي ذميواري بڻجي ٿي ته اسان فوج جا هٿ بڻجون ۽ ان کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريون ها پر اڄ اها صورتحال آهي ته ملڪ جو ٻچو ٻچو فوج کي پکاري رهيو آهي پر جڏهن مان اهي حقيقتون انهن ماڻهن کي ٻڌايان ٿو ته اهي چون ٿا ته اوهان غيرقانوني ڳالھ ڪري رهيا آهيو، مارشلا جي ڳالھ ڪري رهيا آهيو.هڪ سوال جي جواب  انهن فرمايو ته منهنجو نالو الطاف حسين آهي ۽ جنهن نالي ۾ حسين جو نالو اچي وڃي اهو شخص ڪڏهن ڊڄي يا جهڪي نه ٿو سگهي. مان 1992 جي آپريشن کان اڳ ئي پنهنجن ڪارڪنن کي آگاھ ڪري چڏيو هو ته سنڌ ۾ 72 وڏين مڇين جي خلاف ٿيندڙ آپريشن ايم ڪيو ايم جي خلاف هوندو جنهن جي سازش جي پويان سنڌ جي جاگيردارن، وڏيرن ، سردارن ۽ لينڊ مافيا جا وڏا نالا شامل آهن پر ان وقت منهنجن ساٿين کي به يقين نه آيو ۽ اهي چوڻ لڳا ته الطاف ڀاءُ اسان حڪومت ۾ آهيون ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. پر پوءِ بعد ۾ منهنجي ڳالھ درست ثابت ٿي. جڏهن مان چيو ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي ته مختلف سياستدانن منهنجو مذاق اڏايو ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ چوندا رهيا ته ڪائي طالبانائزيشن نه ٿي رهي آهي ۽ الطاف حسين طالبان جي نالي تي پختونن جي خلاف آهي. پر خدا ڄاڻي ٿو ته مان ڪڏهن به ڪنهن به ماڻهو کي مارڻ يا نقصان پهچائڻ جي ڳالھ نه ڪئي آهي ۽ خدا جو شڪر آهي ته ان حقيقت به سڀني تي واضع ڪري چڏيو،انهن فرمايو ته حڪمران دورن تي هجن ۽ ملڪ ۾ ڪائي آفت اچي وڃي ته فورن اهي پنهنجو دورو اڌ ۾ چڏي ڪري اچي وڃن ٿا پر اسان جي ملڪ ۾ ايئن نه ٿو ٿئي ته پوءِ ڇا اهڙن حڪمرانن کي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل آهي.انهن ملڪ جي سچن ۽ محب وطن وڪيلن کان سوال ڪيو ته ڇا صرف سابق صدر پرويز مشرف تي آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو هلائڻ انصاف آهي؟ انهن فرمايو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ آئين جي آڙ ۾ اهو غير قانوني اقدام ٿي سگهي ٿو ته جمهوريت جي اندر مارشلا به لڳي سگهي ٿو ۽ اسان ان کي جمهوري مارشلا چئون ٿا. انهن ميڊيا جي نمائندن کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان انتهائي مشڪل حالتن ۾ به ۽ سخت جڳھن تي به ڪوريج ڪريو ٿا. انهن فرمايو ته انسان کي پهرين پاڻ عمل ڪرڻ گهرجي ۽ بعد ۾ ٻين کي تلقين ڪرڻ گهرجي ان جي ڪري مان پنهنجي پارٽي جي طرفان 25 سيٽن جي پيشڪش ڪري چڏي آهي ۽ جيڪو چاهي انهن سيٽن تي پنهنجي اڪثريت بڻائي ۽ ملڪ کي بچائي، معصومن جو رت نه وهي ۽ ملڪ کي ڪوئي به نقصان نه پهچي.

7/18/2024 2:27:11 AM