جنگ اخبار لاهور جي ادارتي ڪميٽي جي چيئرمين بيدار بخت جي والد صديق بٽ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 26 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جنگ اخبار لاهور جي ادارتي ڪميٽي جي چيئرمين بيدار بخت جي والد محمد صديق بٽ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مرحوم ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو ۽ اهي علم سان وڏو لڳاءُ رکندا هئا. انهن مرحوم جي سوگوار پونئرن کي صبر جي تلقين ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.