Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم اوورسيز جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي خطاب.


 Posted on: 8/25/2014
 جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم اوورسيز جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي خطاب.
لنڊن؛ 25 آگسٽ 2014
بسم الله الرحمٰن الرحيم
واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اوورسيز جي 18 هين سالانه ڪنوينشن ۾ شريڪ معزز مهمان َ، ايم ڪيو ايم آمريڪا جي آرگنائيزنگ ڪميٽي، ايم ڪيو ايف، سي ايم سي،ميڊيا، گهواره ادب، پاڪستان ڪلب، پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي، سن چيئرٽي، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم سان تعلق رکڻ وارن ميمبرن، معصوم ٻارن ۽ ٻارڙين سڀني کي اسلام عليڪم.
    ان پروگرام ۾ سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کان علاوه 23 شهرن جا ذميوار ۽ ڪارڪن شريڪ آهن جنهن ۾ ڊيلاس، ڪنيڪٽيڪيوٽ،شڪاگو، بوسٽن،بالٽيمور، آسٽن، ايٽلانٽا، نيوجرسي، ميمي، لاهاسٽن، هوائي، ڊيٽروئٽ، ڦلاڊيلپيئا، فلوريڊا، اوريگن، نيويارڪ، اوڪلاما، سن آنٽونيا، سنفرانسيڪو، ايس ٽي لائيس، واشنگٽن ڊي سي، سائوٿ ڪيرولينا، متحده قومي موومينٽ پنهنجي ايم ڪيو ايم اوورسيز جي قيام کان پوءِ هر سال سالانه ڪنوينشن منعقد ڪندي پئي وڃي،اڄ اڙهون سالانه ڪنوينشن منعقد ٿي رهيو آهي، مان اوهان تمام حاضرين محفل کي ۽ جيڪي موجود نه آهن انهن سڀني کي به سالانه ڪنوينشن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.گذريل ڪيترن سالن کان حالتن جي جبر، انٽرنيشنل سيڪيٽريٽ  لنڊن ۽ آمريڪا اوورسيز يونٽ جي ذميوارن جي وچ ۾ رابطن جي ڪمزوري جي ڪري ڪيترن ئي ڪنوينشنن کي خطاب نه ڪري سگهيس، مان ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ جي موجوده نازڪ صورتحال جي ڪري ڏينهن رات جاڳي رهيو آهيان جڏهن مان بلڪل ٽٽي پوان ٿو ۽ اعصاب ۽ جسماني طاقت جواب ڏيئي وڃي ٿي ته ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪري ٻيهر پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃان ٿو صرف ان جي ڪري جو مان هزارين ميل پري رهي ڪري به موجوده صورتحال کان ملڪ کي بچائڻ ۽ صحيح رستي تي آڻڻ ۾ جيڪي ڪجھ به ڪردار منهنجي بحيثيت هڪ پاڪستاني جي حيثيت ۾ بڻجي ٿو ۽ ملڪ جي سلامتي جي لاءِ جيڪو ڪجھ ٿي سگهي ٿو اهو مان پنهنجي طاقت کان وڌي ڪري ڪندس.پوءِ مان سوچو ته گهڻو وقت ٿي ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وقت ڪڍي ڪري آمريڪا جي ساٿين سان به ڳالھ ڪري وٺان هونئن به گهڻي وقت کان ڳالھ نه ٿي سگهي هئي، مان الله تعالٰي جو نالو وٺي ڪري ان دعا سان گڏ ته الله تعالٰي مون کي همت ۽ طاقت عطا فرمائي ته جيئن مان آمريڪا جي ساٿين سان گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ڳالھ ڪري وٺان .اوهان پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي يقينن هر هڪ پل جي خبر رکو ٿا، هاڻي ته آئي ٽي جو زمانو آهي انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جو زمانو آهي، ايس ايم ايس، فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر سميت ٻيون سهولتون موجود آهن،ان جي ذريعي ڪنهن نه ڪنهن طرح اوهان کي تازه ترين اطلاعون ملنديون رهنديون هونديون، انهن حالتن ۾ مان پاڻ به جيڪي ڪجھ منهنجي وس ۾ آهي اهو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان يقينن ان جي باري ۾ به اوهان کي ڪجھ نه ڪجھ ته خبر ته پوندي هوندي.پوءِ به مان مختصر طور تي اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هن وقت پاڪستان وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي مان گهڻڻ ئي ڳالهين جون تفصيلات نه ٻڌائيندس ڇو ته جيڪڏهن اهي بيان ڪرڻ شروع ڪري چڏيم ته پوءِ پوري رات گذري ويندي پر ڳالهيون ختم نه ٿينديون. اهو معاملو ان زماني جو آهي جڏهن آمريڪا ۽ رشيا جي وچ ۾ سرد جنگ جاري هئي ۽ رشيا وڌي ڪري افغانستان اچي ويو هو،اها ٻن وڏن ملڪن جي ئي نه بلڪه دنيا جي ٻن سپر پاورن جي وچ ۾ جنگ هئي.ان سرد جنگ ۾ اسان جي اڪابرن ڀلي اهي جرنل هجن يا سول حڪومت جا هجن ٻنهي بغير ڪنهن سوچڻ جي آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي خاطر ته ان جا آخرڪار نتيجا ڪهڙا نڪرندا ۽ شارٽ ٽرم مفادن کي سامهون رکي ڪري پوري پاڪستان کي اهڙي طرح آمريڪا ۽ رشيا جي جنگ ۾ ڌکي چڏيو ۽ پاڪستان سڄي دنيا کان مجاهدن کي گهرائي ڪري اسلام جي نالي تي مجاهد بڻائڻ جي لاءِ ٽريننگ سينٽر جو هڪ ڄار وڇائي چڏيو، رشيا ۽ آمريڪا جي جنگ کي اسان جي عالمن سڳورن ۽ خاص طور تي مذهبي جماعتن به ان کي ڪفر ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جنگ قرار ڏيئي چڏيو، اوهان مون کي ايمانداري سان ٻڌايو ته آمريڪا هڪ مسلمان ملڪ آهي يا عيسائي ملڪ آهي؟اهڙي طرح رشيا جو شمار مسلمان ملڪن ۾ آهي يا غير مسلم ملڪن ۾ آهي؟ ته اها جنگ اسلام جي جنگ ڪيئن بڻجي وئي، جڏهن فوج پنهنجي دور حڪومت ۾ ۽ سول حڪومتن پنهنجن اقتدار جي زماني ۾ ڊالرن ۽ هٿيارن جي حصول ۽ خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا مفاد حاصل ڪرڻ جي خاطر ۽  ملڪ جو مستقبل ڇا ٿيندو ان جي ڪنهن کي به ڳڻتي ئي نه هئي، اوهان مون کي گهٽ ۾ گهٽ اهو جواب ڏيئي سگهو ٿا ته ٻه غير مسلم ملڪ جنگ ڪري رهيا هئا ته ڇا اها مسلم جنگ هئي يا غيرمسلم جنگ هئي؟ مون کي خبر آهي ته اهو خطاب آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي پر مان ڇا ڪريان مان سچ ڳالهائڻ تي مجبور آهيان، جيڪڏهن  مصلحت سان ڪم وٺان ٿو ۽ مان ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن پڙهڻ شروع ڪري چڏيان ته اسان ابتڙ ئي سبق پڙهنداسين، اوهان چئو ته مان موضوع تبديل ڪري چڏيان؟ مختصر اهو ته اسان پاڪستان کي اسلام ۽ ڪفر جي جنگ بڻائي ڪري پوري پاڪستان ۾ جڳھ جڳھ تي ايترا تربيت يافته جهادي پيدا ڪيا ۽ جڏهن رشيا کي شڪست ٿي وئي ۽ افغانستان کان واپس هليو ويو ته پوءِ وڙهڻ  جي لاءِ انهن مجاهدن وٽ ڪجھ نه رهيو ته اهي پاڪستان جي انهن مسلمان سپاهين کي ئي جن انهن کي تربيت ڏني هئي کائڻ شروع ڪري چڏيو .يعني جن انهن کي بڻايو انهن ئي کي کائڻ شروع ڪري چڏيو، مسجدن تي حملا، امام بارگاهن تي حملا، بزرگن جي مزارن تي حملا، چرچن ۽ اقليتي عبادتگاهن تي حملا ۽ ان سان گڏو گڏ  ٻارڙين جي اسڪولن کي تباھ ڪري چڏيائون، پوري خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي علائقن ۾ تقريبن 30 سيڪڙو ڇوڪرين جي اسڪولن ۽ دستڪاري سينٽرن کي بمن سان اڏائي تباھ ڪري چڏيائون.عورتن جو ڊرائيونگ ڪرڻ ۽ انهن جو اسڪولن ۾ پڙهائڻ  ايستائين جو بحيثيت ڊاڪٽر اسپتالن ۾ عورتن جو علاج ڪرڻ کان به منع ڪري چڏيو ويو ۽  ڪيترن ئي عورتن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪري چڏيو ويو يا ذبح ڪري چڏيائون.پوري پاڪستان ۾ واحد آواز جيڪا ٻڌڻ  ۾ اچي رهي هئي ته اهي طالبان جن کي توهان پالي رهيا آهيو اهي پوري پاڪستان تي قابض ٿي ويندا ۽ اها آواز صرف ۽ صرف الطاف حسين جي هئي. منهنجو مذاق اڏايو ويو، مون کي طعنا ڏنا ويا ته الطاف حسين خوف و هراس ڦيلائي رهيا آهن، پر هن وقت توهان ڏسو ته شهري علائقن خصوصن ڪراچي ۾ طالبان جو اغوا برائي تاوان، بينڪن کي لٽڻ، ڌاڙا هڻڻ وغيره ۾ ملوث هجڻ ان سان گڏو گڏ نمازين کي شهيد ڪرڻ، فوجي تنصيبات تي حملا ڪرڻ، آئي ايس آئي جي آفيسرن ۽ فوجين کي ذبح ڪرڻ، ايف سي ۽ فوج جي جرنلن ۽ جوانن کي قتل ڪرڻ شروع ڪري چڏيائون ۽ پاڪ بحريه کان وٺي ڪري پاڪ فضائيه ۽ آرمي جي تنصيبات تي حملا شروع ڪري چڏيائون،ايستائين جو  مين هيڊ ڪوارٽر جي ايڇ ڪيو کي به طالبان نه چڏيو ان تي به حملو ڪيو ويو،پر اسان جي ملڪ جي قيادت ۽ حڪمرانن ان وقت جرت کان ڪم نه ورتو پر جتي جتي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ويو اتي گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ٿي، جهڙوڪ سوات ۽ ٻيا علائقا پر وري آپريشن کي ٻيهر بند ڪيو ويو ،خبر نه آهي ته طالبان ڪهڙو اسلام ڦيلائي رهيا آهن اهي ڪهڙو قرآن پاڪ پڙهن ٿا، ڪهڙيون حديثون پڙهن ٿا، قرآن پاڪ جي ڪهڙي صورت مبارڪ ۾ لکيل آهي ته نماز پڙهندڙ نمازين جون منڍيون لاهيو ۽ مسلمان سپاهين جو منڍيون لاهيو، عورتون جيڪڏهن بازارن ۾ نظر اچن ته انهن کي گوليون هڻي قتل ڪري چڏيو ۽ انهن کي گهرن ۾ مينهن ۽ ڳئن وانگر ڪلن سان ٻڌي ڪري رکو اهو ڪهڙو مذهب آهي؟ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين پهرين ئي ڏينهن کان انهن جي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ۽ مان بار بار پاڪ فوج کي چيو ته اوهان قدمن کي وڌايو ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪنَ اوهان سان گڏ آهن.اڄ الله تعالٰي جو شڪر آهي ته هڪ بهادر جرنل فوج جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪ فوج جا ٻيا جرنل به بهادر آهن جن ملي ڪري فيصلو ڪيو ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ ان جنگ ۾ هن مهل تائين هزارين آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي چڪا آهن پر ان جي مقابلي ۾ اهي جاهل نام نهاد طالبان آهن جيڪي اسلام جو نالو وٺن ٿا، اسلام ڪڏهن به اهو سبق نه ٿو ڏيئي.اسلام جي معنٰي ئي سلامتي جي آهي، امن جي آهي ۽ محبت جي آهي، هڪ ٻئي جو تحفظ ڪرڻ جي آهي،طالبان جي خلاف پاڪ فوج وڏيون قربانيون ڏيئي رهي آهي الله سائين جو ڪرم آهي ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ جڳھ جڳھ تي جلسا منعقد ڪري عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي ٻڌايو ته طالبان ڪير آهن انهن جا ڪهڙا مقصد آهن اهي ملڪ جي لاءِ ڪيترا خطرناڪ آهن،اڄ الله سائين جو ڪرم آهي ته فوج ۽ قوم هڪ ئي صفحي تي آهن.هڪ طرف اهو مسئلو آهي ته ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال کان دوچار آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڊالر هڪ سو روپين کان وڌي ويو آهي ، معيشت تباھ آهي، بيروزگاري عام آهي، ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ تي مجبور آهن ۽ جيڪي وڌيڪ حساس قسم جا ماڻهو آهن اهي پهرين پنهنجن ٻارن کي ذبح ڪن ٿا پوءِ پنهنجي پاڻ کي ذبح ڪن ٿا يا گوليون هڻن ٿا.هاڻي اوهان اهو ڏسو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم پنهنجي منشور ۽ مقصدن کي ڦيلائڻ ۾ مصروف آهي پر هاڻي اهو هڪ طالبان جو نئون اضافو به ٿي ويو آهي، اسان جون توانائيون اتي به لڳي رهيون آهن پر انهن تمام ڪوششن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز، ايم پيز ايز ۽ ٻين ذميوارن سميت 15 هزارن کان وڌيڪ ڪارڪنَ شهيد ٿي ويا.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن جو شهداء قبرستان الڳ آهي. منهنجا ساٿيو ان جي باوجود ڪشمير ۾ جيڪو زلزلو آيو اسان پنهنجن ڏکن
کي وساري ڪشمير پهچي وڃون ٿا.خيبرپختونخواھ ۾ جبلن تي پهچي وڃون ٿا.طبي ڪيمپ لڳي وڃن ٿا.خوراڪ پهچايون ٿا اناج پهچايون ٿا ، ميڊيڪل جون سهولتون پهچايون ٿا.ڪٿي سيلاب اچي اتي ڪي ڪي ايف يا سن چيئرٽي جا ماڻهو پهچي وڃن ٿا.جهڙي طرح 2005 جي زلزلي ۾ جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو زلزلو هو، ان ۾ ايم ڪيو ايم کان علاوه اوهان پاڪستان جي ڪيترين سياسي و مذهبي جماعتن کي ڊگهي وقت تائين ميدان ۾ موجود رهي ڪري زلزلي جي متاثرين جي مدد ڪندي ڏٺو ايمانداري سان ٻڌايو.ايم ڪيو ايم جو پهرين ئي ڏينهن کان اهو منشور آهي ته پاڪستان ۾ 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ٿئي ۽ ٻه سيڪڙو جاگيردارن،وڏيرن، چورن، سرمائيدارن ۽ سردارن جي قانونن کان نجات ملي ۽ پاڪستان آزاد ٿئي.اوهان مون کي ايمانداري سان ٻڌايو ته اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪائي جماعت عملي طور تي ميدان ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي جماعت آهي؟هاڻي انهن حالتن ۾ ڏسو ته ايم ڪيو ايم پاڻ عتاب جو شڪار آهي ان جي باوجود ملڪ ۾ جڏهن ڌرڻا شروع ٿيا، جيڪي اڄ تائين جاري آهن ڌرڻڻ جي اطراف ۾ حڪومت احتياطي تدبيرن جي طور تي ڪنٽينر لڳايا جيڪا جو حڪومت جي ذميواري هئي ان کي حڪومت پورو ڪيو هاڻي اتي موجود عورتون ۽ ٻار تڙپي رهيا هئا جو انهن وٽ کير ۽ پاڻي نه هو ۽ بک مري رهيا هئا ته انهن جي لاءِ جيڪڏهن ڪنهن جماعت کاڌو ،ڌوائون، پاڻي ۽ کير پهچايو ته اها ڪهڙي جماعت هئي جيڪا ان ڏکئي وقت ۾ انهن جي لاءِ ميدان ۾ نڪري آئي.اوهان ٻڌايو ته ڪشمير ۾ ڪهڙا اردو ڳالهائڻ وارا هئا، اهڙي طرح سرحد يا لاهور ۾ ڪهڙا اردو ڳالهائڻ وارا هئا پرالطاف حسين جي عمل ثابت ڪري چڏيو ته الطاف حسين صرف اردو ڳالهائڻ وارن جو نه بلڪه مظلوم پنجابين، پختونن، سنڌين ۽ بلوچن جو ۽ هر ڪنهن جو دوست آهي.منهنجا ڀائرو ڪيترو پروفيگنڊو ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو ويو ته پنجابين سان نفرت ڪري ٿي،پختونن سان نفرت ڪري ٿي، اسان ڪنهن سان نفرت نه ٿا ڪريون ، اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي نفرت
ڪرڻ جو درس نه ڏنو هو جيڪڏهن اسان جي ابن ڏاڏن جي ذهنن ۾ نفرت جو ٻج هجي ها ته اهي پاڪستان اتي ئي ٺاهن ها جتي دهلي هو، آگره هو، حيدرآباد ڏکڻ هو، ان پاڪستان جي جڳھ تي جتي هي پاڪستان بڻيل آهي هتي پاڪستان کي قبول نه ڪريون ها.اهو ڪهڙو طريقو آهي ته هڪڙا اسڪول اهي آهن جتي اميرن جا ٻار پڙهن ٿا اتي ايئرڪنڊيشن آهي ،اتي آمريڪن برٽش طرز جي تعليم حاصل ٿئي ٿي ۽ ٻيا اسڪول اهي آهن جتي غريبن جا ٻار پڙهن ٿا جتي اهي هيٺ تڏن تي ويهي ڪري تعليم حاصل ڪن ٿا، اسڪولن جي ڇت نه آهي، پيئڻ جو پاڻي نه آهي، ليٽرين نه آهي.ملڪ هڪ آهي پر تعليمي نظام ۾ غريبن جي لاءِ اردو ميڊيم ۽ اميرن جي لاءِ انگريزي ميڊيم جي تعليم ڇا اهو ڌوکو نه آهي.ايم ڪيو ايم ٻٺي تعليمي نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ اهڙو نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي جتي امير ۽ غريب جي لاءِ هڪ جهڙو ئي تعليمي نظام هجي، امير ۽ غريب جي عزت  هڪ جهڙي هجي ۽ موروثي سياست جو خاتمو ٿئي.جتي اهڙي جمهوريت هجي جو پيءُ ويو ته پٽ اچي ويو، پوٽو اچي ويو، ڏوهٽو اچي ويو،ڀاڻيجو اچي ويو.پوري پاڪستان جون سياسي و مذهبي جماعتن کي ڏسي وٺو هڪڙي جماعت جو نالو ٻڌايو ته جنهن جماعت ڀلي اها جماعت مذهبي جماعت هجي يا اها نام نهاد جمهوري جماعت هجي، جنهن جو خاندان پوري خاندان سميت حڪومت ۾ نه آيو هجي ڪنهن هڪڙي جماعت جو نالو ٻڌايو.صرف ۽ صرف هڪ جماعت آهي ايم ڪيو ايم ۽ ايم ڪيو ايم جو قائد جنهن جو نه ڪوئي ڀاءُ يا ڀيڻ ايم اين اي يا سينيٽر نه آهي الطاف حسين هميشه پنهنجن ڪارڪنن کي اڳتي وڌائن ٿا، ان جي ڪري ئي الطاف حسين برو آهي، سڀ خرابيون الطاف حسين ۾، پر مان به پنهنجي عادت کان مجبور آهيان 35 سالن کان ملڪ ۾ هيس ته اتي سازشون ڪيون ويون ان کان پوءِ جتي به ويندو آهيان اهوسڀ به اوهان جي علم ۾ آهي،مان تفصيلات ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان پر مان دنيا  جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهان ناجائز ۽ ظلم جي اڳيان ڪنڌ ڪٽرائي ته سگهان ٿو پر جهڪائي نه ٿو سگهان.منهنجا ڀائرو اوهان به ڏکئي وقتن ۾ وڏي امداد جمع ڪئي ۽ هن مهل تائين پوري آمريڪا کان مختلف ساٿين
پاڻ ۾ ملي ڪري 32 شهيدن جي خاندانن کي سنڀاليو آهي جن کي ٻارنهن سو ڊالر في خاندان هر مهيني انهن جي خرچي جي لاءِ ارسال ڪيا وڃن ٿا. پر منهنجا ساٿيو اوهان مان ڪيترا ماڻهو 19 جون 1992 جي آرمي آپريشن جيڪو جو ايم ڪيو ايم جي خلاف شروع ٿيو هو ڪوئي برطانيه هليو ويو، ڪوئي آمريڪا هليو ويو ته ڪوئي ڪينيڊا هليو ويو يعني جنهن کي جتي لڪڻ جي جاءِ ملي اهو اتي هليو ويو.هاڻي اوهان ايمانداري سان غور ڪيو ته برطانيه ۽ آمريڪا پهچڻ وارن ساٿين خصوصن جيڪي آمريڪا پهتا ڀلي اهي اعلٰي تعليم ، نوڪرين يا حالتن جي ڏاڍ جي ڪري آيا انهن مان ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي ڪمائي به رهيا آهن ۽ ساڻ ساڻ تحريڪ جو ڪم به برابر ڪري رهيا آهن ڪيترو سيڪڙو آهن؟منهنجي نظر ۾ 25 کان 30 سيڪڙو ساٿي هوندا جيڪي اڄ به ڀلي اهي هڪ ڪلاڪ به ڏيندا هجن يا 10 ڊالر ڏيندا هجن پر ريگولر آهن پر 70 سيڪڙو پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا ۾ تحريڪ کي مظبوط ڪرڻ ۽ هڪ جهنڊي جي هيٺان گڏ ڪرڻ جي بجاءِ گهڻا ئي ذميوار ۽ ڪارڪنَ وڏن وڏن گروپ بندين ۾ لڳل آهن، پسند ۽ ناپسند ڪرڻ ۾ لڳل آهن، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪي رهيا آهن، منهنجا پيارو خدا جي واسطي شهيدن جي رت کي نه وساريو توهان جي ڪلهن تي شهيدن جي رت جو قرض آهي.جيڪڏهن اوهان جي جان بچي وئي اهو الله سائين جو شڪر آهي جو اوهان کي مٿي لڪائڻ جي جڳھ ملي وئي پر جيڪي زمين هيٺ هليا ويا جن جا ٻار يتيم ٿي ويا جن جون عورتون بيوه ٿي ويون، انهن جو خيال اسان نه رکنداسين ته ٻيو ڪير رکندو، ڪجھ ٻارن جي پيرن ۾ جتيون به نه آهن، ڪجھ شهيدن جون بيوائون گهرن ۾ وڃي ڪري ٿانوَ ڌوئن ٿيون، هاڻي اوهان پنهنجي ضمير کي اڳيان رکي ڪري ٻڌايو ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪري رهيا آهيون؟آمريڪا ۾ مان ڪيترائي دفعا چيو ته گروپ بندي نه ڪريو،پسند نا پسند جو سلسلو ختم ڪريو، جيڪڏهن توهان ڏسو ته ڪارڪن تحريڪي ڪم ۾ سچو آهي ته ان جو ساٿ ڏيو پر انهن جو ساٿ نه ڏيو  جيڪي خوشحال آهن يا گروپ بندي ۾ رڌل آهن،اهو ڏسي ڪري ته ڪالھتائين اهي ساٿي هئا ته اهي بسن ۾ سفر ڪندا هئا، پنڌ سفر ڪندا هئا،الله سائين انهن جا حالات اهڙا ڪري چڏياجو اهي آمريڪا پهچي ويا ،محنت مزدوري ڪري رهيا آهن پر گهٽ ۾ گهٽ کاڌو ته ملي ٿو،مٿي لڪائڻ لاءِ جڳھ ته ملي وئي آهي.مان چوان ٿو ته اوهان پوري آمريڪا ۾ صرف 50 به پڪا آهيو ته خدا جي قسم وڏي طاقت آهيو، پهرين دل حالتون ڏسي ڪري روئي ٿو، اڄ به مان ڳالهيون ڪيون آهن، ڪوئي ڏينهن نه ٿو گذري ته مان اهو نه چئي رهيو هجان ته ڳالهيون ڪريو، حڪومت به ڪجھ پوئتي هٽي .ڌرڻا ڏيڻ وارا به ڪجھ پوئتي هٽن، ڳالھ ٻولھ ڪري ڪنهن نتيجي تي پهتو وڃي، ملڪ جي صورتحال ڏسو اتر وزيرستان ۾ فوج مصروف آهي، هن وقت اوهان ۾ايڪو هجڻ گهرجي،ها پنهنجا جائز مطالبا مڃرايو ، اسلام آباد ۾ نه ٽوائيلٽس آهن نه پوري طرح صفائي جو انتظام آهي هر جڳھ تي گندگي آهي ان سان گڏو گڏ پوائيزنس گيس جو اخراج به ٿئي ٿو.منهنجي ڪوشش ته اها ئي آهي ته مسئلو ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ٿي وڃي، مان آمريڪا جي ڪارڪنن جي توسط سان چوان ٿو ته جيڪي پوري دنيا کان پاڪستاني اربن جو ناڻو موڪلي رهيا آهن انهن جي ڪجھ ته لاج رکو، پاڪستان جو قانون ٻٺي شهريت جي اجازت ڏيئي ٿو، ان کي نه صرف ان ڳالھ جي اجازت ڏيو ته اهي ووٽ وجهن بلڪه انهن کي اليڪشن وڙهڻ جو به حق حاصل هجي،اوهان دعا ڪريو ته الله سائين حڪومت کي به عقل ڏي ۽ احتجاج ڪرڻ وارن کي به عقل ڏي،منهنجا ساٿيو هاڻي پسند ۽ ناپسند ۽ گروپ بندي جو سلسلو ختم ڪري ميرٽ تي هلو ۽ جيڪو ڪم به ڪريو اهو ميرٽ تي ڪريو صحيح ذميوار اهو هوندو آهي جيڪو غرور ۽ تڪبر کان آزاد هوندو آهي، ان جي ڪري ذميوارن کي ذميواري ملڻ کان پوءِ ڪارڪنن سان محبت سان پيش اچڻ گهرجي، انهن کي نوڪر يا ڪڙمي نه سمجهڻ گهرجي.اوهان کي خبر آهي ته اڄ ڪالھ ٽي وي جو زمانو آهي هر ڪنهن جي هٿ ۾ هاڻي موبائيل ته ٺهيو اهو ته پراڻو زمانو ٿي ويو هاڻي تي آئي پيڊ اچي ويو آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪا ڳالھ ٿي وڃي ته اوهان ته پوري ميڊيا تي ڇائنجي سگهو ٿا.هاڻي هڪ اهڙو پاڪستان هوندو جتي ڪرپشن يا بي ايماني نه هوندي، ٻٺو تعليمي نظام نه هوندو، اسپتالن ۾ ٻٺو معيار نه هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون هونديون،هر جڳھ تي هڪ جهڙو نظام هوندو ۽ سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيندو.



7/18/2024 2:33:06 AM