ڪورنگي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار بندن جي فائرنگ سان جاڳ ٽي وي ايسوسي ايٽ جي پروڊيوسر نادر شاھ جي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 28 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان جاڳ ٽي وي جي ايسوسي ايٽ پروڊيوسر نادر شاھ جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجات ۽ مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير داخله سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي نادر شاھ جي قتل جو نوٽس وٺن ۽ ان قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي.