Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان پي ٽي وي جي عمارت تي چڙهائي ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ افسوسناڪ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/1/2014 1
ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان پي ٽي وي جي عمارت تي چڙهائي ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ  افسوسناڪ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پي ٽي وي يا ان جهڙا ٻيا ادارا ۽ انهن جون عمارتون رياست جون علامتون آهن انهن جي تقدس جو خيال رکڻ سڀني جو فرض آهي.
لنڊن؛ پهرين سيپٽمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان پي ٽي وي جي عمارت تي قبضي ڪرڻ جي عمل کي سخت افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پي ٽي وي يا ان جهڙا ادارا ۽ انهن جون عمارتون رياست جون علامتون آهن. جن جي تقدس جو خيال رکڻ سڀني جو فرض آهي ۽ احتجاج جي آڙ ۾ انهن تي قبضو ڪرڻ يا انهن کي نقصان پهچائڻ جي عمل کي ڪنهن به صورت  درست قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.انهن ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي قائدين ۽ ٻين رهنمائن کي چيو ته اهي پنهنجن ڪارڪنن کي ڇنڊ پٽن ته جيئن اهي قومي رياستي ادارن ڀلي اهو پي ٽي وي جو ادارو هجي ، ريڊيو هجي يا پارليامينٽ هجي انهن کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچائين ۽ انهن جو احترام ڪن. جناب الطاف حسين ڌرڻي ۾ شريڪ ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن کي به اپيل ڪئي ته رياست جي سڃاڻپ وارا اهي ادارا اوهان جا پنهنجا آهن. انهن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن جي تقدس جو خيال رکڻ اوهان جو فرض آهي،ان جي ڪري اوهان خدا جي واسطي انهن ادارن کي نقصان پهچائي ڪري ملڪ جي عزت ۽ وقار کي مجروح نه ڪريو. اوهان پنهنجو احتجاج ضرور ڪريو پر خدا جي واسطي پنهنجي احتجاج کي هر قيمت تي پرامن رکو ۽ احتجاج جي آڙ ۾ ڪنهن به قومي اداري کي هر گز به نقصان نه پهچايو وڃي.

7/18/2024 2:25:22 AM