Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اها ملڪ ۾ مارشلا نه ٿي چاهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/24/2014
ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اها ملڪ ۾ مارشلا نه ٿي چاهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سياسي بحران کي افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيو وڃي.
جيڪڏهن ٽڪراءُ جو رستو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ فوج وٽ ٻيو ڪوئي به رستو نه بچندو جو اها ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ مداخلت ڪري.
ايم ڪيو ايم ڪنهن هڪ خاندان جي نه بلڪه عوام جي جماعت آهي، ايم ڪيو ايم هڪ اهڙي جمهوريت تي يقين رکي ٿي جنهن ۾ موروثيت نه هجي.
واشنگٽن ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 24 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي، اها ملڪ ۾ مارشلا نه ٿي چاهي بلڪه ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سياسي بحران کي افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن مسئلن کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل نه ڪيو ويو ۽ ٽڪراءُ جو رستو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ فوج وٽ ٻيو ڪوئي به رستو نه بچندو جو اها ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ مداخلت ڪري.انهن اها ڳالھ واشنگٽن ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي فون تي خطاب ڪندي فرمائي.ڪنوينشن ۾ واشنگٽن سان گڏو گڏ آمريڪا جي مختلف رياستن جي 23 شهرن کا آيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن سميت سوين پاڪستانين به شرڪت ڪئي.ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي جدوجهد، انجي منشور ۽ پاڪستان جي سياسي حالتن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو.ملڪ ۾جاري بحران جو تذڪرو ڪندي انهن فرمايو ته ملڪ کي پيش آيل صورتحال جو تقاضا آهي ته ڳالھ ٻولھ جي ذريعي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، حڪومت ٻه قدم پوئتي هٽي وڃي ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي.ڌرڻا ڏيڻ وارا به ڪجھ لچڪ جو مظاهرو ڪن، ملڪ جي نظام ۾ موجود خرابين جي خلاف پارليامينٽ ۾ آواز اٿاري وڃي ۽ آئيني و قانوني سڌارن جي ذريعي ملڪ جي سڄي سياسي و عدالتي نظام ۾ موجود خرابين کي دور ڪيو وڃي ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته وڙهڻ کان پوءِ به آخرڪار ڳالھيون ئي ڪرڻيون پون ٿيون ان جي ڪري وڙهڻ کان سواءِ ئي ڳالهين جي ذريعي معاملن کي حل ڪيو وڃي.هن وقت ملڪ مسئلن جو شڪار آهي ۽ پاڪ فوج به هن وقت دهشت گردن جي خلاف مشڪل ترين جنگ ۾ رڌل آهي ان جي ڪري ڌريون ان صورتحال کي سامهون رکن.انهن فرمايو ته ڌرڻڻ جي ڪري اسلام آباد ۾ هر طرف گنڌگي پکڙجي وئي آهي ۽ وبائي مرض ڦٽڻ جو خطرو آهي.انهن فرمايو ته اسان مسئلن جي حل جي لاءِ دعا به ڪري رهيا آهيون ۽ دوا به ڪري رهيا آهيون.جڏهن انقلاب مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ ماڊل ٽائون ۾ انتظاميه ٽينڪرن سان علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو هو ۽ حڪومت ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ماڻهو آمهون سامهون هئا اهڙي وقت ۾ ايم ڪيو ايم اڳتي وڌي ايم ڪيو ايم هڪ طرف تمام رڪاوٽن جي باوجود محصور ماڻهن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين کاڌو پيتو ۽ ٻيون شيون پهچايون. اتي ئي حڪومت کي به ان ڳالھ تي قائل ڪيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي ماڻهن کي محصور ڪري انهن جي سياسي حق کان محروم ڪرڻ ڪنهن طرح به درست نه آهي. خدا جي واسطي انهن کي مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.مان پاڻ ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاڳندو رهيس ۽ ٻنهي طرف جهولي ڦيلائي ڪري افهام و تفهيم جي ڪوشش ڪندو رهيس، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ۽ وڏي ٽڪراءُ جو خطرو ٽري ويو.پاڪستان ۾ طالبانائيزيشن جو ذڪر ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته افغانستان ۾ سوويت يونين جي مداخلت کان پوءِ حڪمرانن ۽ اختيار رکندڙ ڌرين آمريڪا جي خوشنودي ۽ پنهنجي وقتي مفادن جي لاءِ آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ کي ڪفر ۽ اسلام جي جنگ قرار ڏنو ۽ ٻن سپر طاقتن جي جنگ ۾ پاڪستان کي اهڙي طرح حوالي ڪيو  جو پاڪستان سڄي دنيا کان اچڻ وارن مجاهدن جو مرڪز بڻجي ويو.سوويت يونين جي شڪست کان پوءِ انهن مجاهدن پاڪستان ۾ ئي دهشت گردي جو سلسلو شروع ڪري چڏيو.طالبان دهشت گردن پاڪستان ۾ مسجدن، امام بارگاهن، بزرگن جي مزارن، فوج  جي مرڪزن ۽ ٻين سرڪاري تنصيبات کي نشانو بڻايو، خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا ۾ طالبان ڇوڪرين جي 70 سيڪڙو اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي بمن سان اڏايو.انهن فرمايو ته اسلام ته امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي ۽ احترام انسانيت جو درس ڏيئي ٿو ته پوءِ طالبان ڪهڙي اسلام جي تحت دهشت گردي ڪن ٿا.انهن فرمايو ته مان طالبان جي وڌندڙ خطرن کان آگاھ ڪيو ته منهنجو مذاق اڏايو ويو ته الطاف حسين ماڻهن کي خوفزده ڪري رهيو آهي پر بعد ۾ جيڪي حالات ۽ واقعات ٿيا انهن منهنجن خدشن کي درست ثابت ڪري چڏيو.اڄ الله سائين جو ڪرم آهي ته دهشت گردي جي خلاف فوج ۽ عوام هڪ پيج تي آهن ۽ پاڪ فوج  بهادر سپه سالار جي قيادت ۾  دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ قربانيون ڏيئي رهي آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي مان جنم ورتو ۽ اسٽيٽس ڪو کي چيلنج ڪيو. ايم ڪيو ايم ڪنهن هڪ خاندان جي نه بلڪه عوام جي جماعت آهي، جڏهن ته ٻين جماعتن ۾ موروثيت آهي. ايم ڪيو ايم ملڪ تي ڪنهن هڪ خاندان جي حڪمراني جي لاءِ نه بلڪه غريب ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل ايماندار ۽ باصلاحيت ماڻهن جي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم اهڙي جمهوريت تي يقين رکي ٿي جنهن ۾ موروثيت جو خاتمو ٿئي.انهن فرمايو ته الطاف حسين نه ته پاڻ اليڪشن وڙهي ٿو ۽ نه ئي ان جي خاندان جا ماڻهو ايم اين اي يا ايم پي ايز بڻجن ٿا بلڪه اهي تحريڪ جي ڪارڪنن کي ئي ايوانن ۾ موڪلي ٿو.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اهڙو نظام چاهي ٿي جنهن ۾ امير ۽ غريب سڀني کي بغير ڪنهن فرق جي برابري جي سطح تي حق حاصل هجن،ملڪ کان ٻٺي تعليمي نظام جو خاتمو ٿئي ۽ اهڙو تعليمي نظام هجي جو غريب جا ٻار به عزت سان تعليم حاصل ڪن.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف طرح طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا ويا ته ايم ڪيو ايم پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين ۽ ٻين قومن جي خلاف آهي،جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به نفرت نه ٿي ڪري،2005 ۾ آزاد ڪشمير ۾ اچڻ وارو قيامت خيز زلزلو هجي، خيبرپختونخواھ  ۾ سيلاب هجي، بلوچستان ۾ ڏڪار هجي يا ملڪ ۾ ڪٿي ڪائي به قدرتي آفت اچي هر موقعي تي ايم ڪيو ايم متاثرن جي جهڙي طرح سان وڌي چڙهي ڪري خدمت ڪئي اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم نفرت تي نه بلڪه پيار و محبت ۽ انسانيت جي احترام تي يقين رکي ٿي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جو عمل و ڪردار ڏسي ڪري اڄ ڪراچي ۾ وسندڙ پنجابي، پختون، سرائيڪي، بلوچي، ڪشميري، هزاري وال ۽ ٻين قومن جا قافلن جا قافلا ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي چڪا آهن.جناب الطاف حسين پاڪستان جي تعمير و ترقي ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني وڏي تعداد ۾ ناڻو موڪلي ڪري معيشت کي سهارو ڏيئي رهيا آهن.انهن پنهنجي ان مطالبي کي ورجايو ته ٻٺي شهريت جي حامل پاڪستانين کي پاڪستان جي اليڪشن ۾ نه صرف ووٽ وجهڻ بلڪه اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق به ملڻ گهرجي.انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تمام ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته تحريڪ جي شهيدن جو رت اسان تي قرض آهي، اسان کي گهرجي ته اسان شهيدن جي قربانين کي هرگز به فراموش نه ڪريون ۽ پنهنجي طاقت جي مطابق شهيدن جي پونئرن جي داد رسي ڪريون.انهن 32 شهيدن جي پونئرن جي ڪفالت ڪرڻ ۽ في خاندان هر مهيني 1200 ڊالر ڏيڻ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تعريف ڪئي.انهن 18 هين سالانه ڪنوينشن جي انعقاد تي ايم ڪيو ايم آمريڪا يونٽ جي تمام ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي ذاتي پسند، ناپسند يا گروپ بندي جي بجاءِ ميرٽ تي فيصلا ڪن ۽ پاڻ ۾ متحد ۽ منظم ٿي ڪري تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکن. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جي آخر ۾ دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان کي موجوده سياسي بحران کان ڪڍي، ملڪ ۾ امن و استحڪام اچي ۽ عوام کي سڪون ميسر اچي.آمين.

7/18/2024 2:31:55 AM