Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪردار کي ملڪ ئي نه بلڪه عالمي سطح تي به قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ امين الحق ۽ عبدالحسيب.


 Posted on: 8/28/2014
جناب الطاف حسين جي جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪردار کي ملڪ ئي نه بلڪه عالمي سطح تي به قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ امين الحق ۽ عبدالحسيب.
ايم ڪيو ايم اپر پنجاب اسلام آباد ضلع جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب.
اسلام آباد؛ 28 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عبدالحسيب چيو آهي ته ملڪ جي نازڪ ترين صورتحال ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ جناب الطاف حسين جي ان ڪردار کي ملڪ ئي نه بلڪه عالمي سطح تي به قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم اپر پنجاب اسلام آباد ضلع جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق، اپر پنجاب جو صدر حاجي عتيق عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا.اجتماع کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ تعصب کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم بغير ڪنهن فرق جي وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن پڙهيل لکيل ماڻهن کي صرف ملڪ جي ايوانن ۾ ئي نه موڪليو آهي بلڪه ملڪ جي سياست ۾ به مثبت تبديلي آندي آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين جون پاليسيون هميشه ملڪ و قوم جي مفاد ۾ رهيون آهن ۽ ڪوئي به وڏي کان وڏو دٻاءُ جناب الطاف حسين کي ملڪ و قوم جي مفاد ۾ فيصلي ڪرڻ کان باز رکي نه ٿو سگهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي اصول پسندانه سياست ۽ حق پرستانه جدوجهد جي ڪري پنجاب ۾ به حق پرستي جو پيغام ڦيلجي چڪو آهي.انهن اسلام آباد جي ڪارڪنن تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ جون حالتون انتهائي نازڪ آهن ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي هدايتن جي مطابق پنهنجو فرض نڀائڻو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ پنهنجيون تمام تر صلاحيتن جو استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
*****


7/18/2024 2:27:40 AM